Close Menu
Sindh Digital News

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.

    What's Hot

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Sindh Digital News
    Subscribe Now
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • شوبز
    • اڄ جي اخبار
    • انٽرنيشنل
    • رانديون
    • صحت
    • معيشت
    • پاکستان
    • سنڌ
    • پهريون صفحو
    Sindh Digital News
    Home » عالمي دٻاءُ رد ڪرڻ جا پاڪستان نقصان ڀوڳيندو
    انٽرنيشنل

    عالمي دٻاءُ رد ڪرڻ جا پاڪستان نقصان ڀوڳيندو

    Sindh DhartiBy Sindh Dharti12/25/2024Updated:12/28/2024No Comments4 Mins Read
    Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Share
    Facebook Twitter LinkedIn Pinterest Email

    لنڊن/نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري ليکڪه عائشه صديقه چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ انساني حقن جي ڪارڪن ادريس خٽڪ جي فوجي عدالت مان سزا تي گڏيل قومن به آواز اٿاريو،فوجي عدالتن مان هن وقت 25 ڄڻن کي سزائون آيون آهن،ان ۾ شفافيت به ناهي، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يونين اندر دٻاءُ وڌي رهيو آهي،هن چيو ته اسان اهو وساري رهيا آهيون ته اڄ جيڪڏهن پي ٽي آءِ آهي ته سڀاڻي توهان ۽ اسان به ان ڪٽهڙي ۾ بيهي سگهون ٿا،ڪنهن وڪيل کان پڇو ته ان سزا خلاف ڪهڙي قانون تحت هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ٿيندي؟هن چيو ته آءِ ايم ايف،جي پي ايس پلس ۽ ٻين مالي معاملن ۾ اسان کي عالمي سهڪار مليل آهي ان ڪري آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي ڳڻتي آهي ته پاڪستان جمهوريت جي معيار کان هيٺ نه وڃي،اها ڪا عالمي سازش ناهي،هن چيو ته عالمي دٻاءُ تي جيڪڏهن ”بي پتا“بڻجي وڃون ته اها الڳ ڳالهه آهي پر نقصان وري به پاڪستان جو ئي ٿيندو،جي ايڇ ڪيو کي به نقصان ٿيندو،هن چيو ته جي پي ايس پلس اسٽيٽس ختم ٿيو ته عالمي واپار کي ڌڪ پهچندو،توهان ٽيڪس ڪيئن گڏ ڪندا،منهنجي خيال ۾ ان تي ”انهن“ کي سوچڻ جي ضرورت آهي،هن چيو ته جيڪي ملڪ ٺيڪ ڪرڻ جو راڳ ڳائي رهيا آهن  اهي خوڪش ڪورس ڏانهن وڃي رهيا آهن،هن وقت سياسي حڪومت ڪو به ڪردار ادا نه پئي ڪري ان کي اڳتي وڌڻ گهرجي،ان کي تمام گهڻي جاءِ والاريندڙ اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ گهرجي ته جناب هي توهان لاءِ به نقصانڪار ڳالهه آهي،اسان کي ڳالهين جو موقعو ڏنو وڃي.ڪراچي، 24 ڊسمبر: سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته تعليمي سال 2025-26 لاءِ درسي ڪتابن جو جديد گهرجن مطابق جائزو ورتو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي مدد پڻ حاصل ڪئي وڃي. گڏوگڏ، درسي ڪتابن ۾ موجود ڪنهن به قسم جي نفرت ڦھلائڻ واري مواد جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن اهڙو مواد ڪتابن مان ختم ڪري سگھجي. اها ڳالهه اڱاري جي ڏينهن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين پرويز احمد بلوچ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم  واري صوبائي وزير چيو ته درسي ڪتابن جي تياري لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪيريڪولم، اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ (DCAR) جي ڪردار کي وڌايو وڃي ته جيئن جامع ترقي جي اصولن تحت شاگردن جي ذهني، جسماني، جذباتي ۽ سماجي ترقي جي ضرورت مطابق درسي مواد تيار ٿي سگهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته تعليم کي صرف معلومات جي فراهمي تائين محدود نه رکڻ گهرجي، پر ان ذريعي شاگردن کي هاڪاري ۽ باشعور انسان بڻائڻ ۾ مدد ملڻ گهرجي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي فريم ورڪ کي واضح ڪرڻ جي ضرورت آھي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ڪم صرف ڇپائي ۽ ورڇ تائين محدود ٿيڻ گهرجي، حڪومت پاران ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪمپني ايڪٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ به تجويز غور هيٺ آهي. هن وڌيڪ چيو ته درسي ڪتابن ۾ اهڙا سبق شامل ڪيا وڃن، جيڪي تخليقي سوچ کي هٿي وٺرائين، اسان کي هاڻي نفرت ڀريل سبقن کي وساري اڳتي وڌڻ جي ضرورت آھي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اهو هرگز قبول نه ھوندو ته اسان پنهنجي ڌرتي جي تاريخ، هيروز ۽ تاريخي شخصيتن بابت پنهنجي ٻارن کي نه پڙهايون. اسان کي پنهنجي ٻارن کي اهو پڙهائڻ جي ضروري آهي ته هن خطي جي تاريخ امن، رواداري، اتحاد ۽ احترام جي روايتن سان جڙيل آهي. اسان کي پنهنجي ٻارن کي اهڙا ڪتاب ڏيڻا آهن، جيڪي انهن کي سڀني مذهبن جو احترام ڪرڻ سيکارين. صوبائي وزير ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ايندڙ تعليمي سال لاءِ ڪتابن جي ڇپائي واري مرحلي کي جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، ته جيئن وقت سر ڪتاب اسڪولن ۾ ورھائجي سگھجن.

    Share. Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Sindh Dharti

    Related Posts

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    اڏام دوران پائلٽ ڪِري پيو، ماڻهن جون رڙيون، پوءِ ڇا ٿيو؟

    02/10/2025

    آمريڪا کانپوءِ اسرائيل جو به گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ڇڏڻ جو فيصلو

    02/06/2025
    Leave A Reply Cancel Reply

    Don't Miss
    پاکستان

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    By Sindh Dharti02/10/20250

    اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري…

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025
    Our Picks

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from SmartMag about art & design.

    Demo
    اسان جون چونڊون

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    اسان جي باري ۾

    زندگي جي خبرن لاء توهان جو ذريعو

    اسان کي اي ميل ڪريو:
    Sindhdhartikarachi@gmail.com

    Facebook X (Twitter) Instagram Pinterest YouTube WhatsApp
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • رانديون
    • شوبز
    • پاکستان
    • پهريون صفحو
    All Rights Reserved by Sindh Dharti News © 2024

    Type above and press Enter to search. Press Esc to cancel.

    • Login
    • Sign Up
    Forgot Password?
    Lost your password? Please enter your username or email address. You will receive a link to create a new password via email.
    body::-webkit-scrollbar { width: 7px; } body::-webkit-scrollbar-track { border-radius: 10px; background: #f0f0f0; } body::-webkit-scrollbar-thumb { border-radius: 50px; background: #dfdbdb }