Author: Sindh Dharti

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر وڏو اعلان ڪندي چيو آهي ته سال 2025 ۾ نئين ڊيزائن وارا ڪرنسي نوٽ مارڪيٽ ۾ اوپن ڪنداسين. صحافين سان گفتگو ڪندي جميل احمد چيو ته نئين ڊيزائن وارا نوٽ مرحلي وار پرنٽ ڪيا ويندا، اسٽيٽ بينڪ نون نوٽن جي ٽيڪنيڪي ويليوايشن ڪري رهي آهي، نوان نوٽ جلد منظوري لاءِ ڪابينا سامهون پيش ڪنداسين. هن چيو ته 2025 ۾ پاڪستان جو پهريون نئون نوٽ جاري ٿي ويندو، ڪيتري ماليت جو ڪرنسي نوٽ جاري ٿيندو ان حوالي سان في الحال نٿو ٻڌائي سگهان، سال 2025 ۾ نوان ڪرنسي نوٽ سرڪوليشن ۾ اچي ويندا، نوان نوٽ هڪ ئي…

Read More

ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب شهر ۾ گذريل ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ گرمي پَد 9.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 9 کان 11 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان 11 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن جو گذر آهي، جن ۾ گهه جو تناسب 41 سيڪڙو آهي. ٻئي پاسي  ماهر موسميات جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ آچر يا اڱاري کان گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان…

Read More

پيپلز پارٽي پاور شيئرنگ واري معاملي تي نون ليگ سان ڳالهين لاءِ قائم ڪميٽيون ختم ڪري ڇڏيون ۽ فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي صدر آصف علي زرداري ان معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهيون ڪندو. ذريعن موجب، پيپلز پارٽي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو ۽ پيپلز پارٽي نون ليگ سان ڳالهين لاءِ قائم سموريون ڪميٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته نون ليگ سان پاور شيئرنگ فارمولي تي ڳالهين جو اختيار صدر کي ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب، هاڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان پاور شيئرنگ فارمولي تي ڳالهيون ڪندو. ذريعن جو…

Read More

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم کي پارليامينٽ کان سواءِ ڪو به ٻيو ادارو ختم نٿو ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ واري سوال تي چيو ته هو ڪابينا جو حصو ناهي بڻجي رهيو. هڪ سوال جي جواب ۾بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيو پوليٽڪس جي لحاظ سان آمريڪا ۽ چين جي موجوده حالتون اوهان جي آڏو آهن، چين جي صدر کي دعوت ملڻ کانپوءِ ڀارت جي نمائندگي به ضروري هئي. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پنهنجي جاءِ تي قائم ۽…

Read More

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، جڏهن ته قومي پليئنگ اليون ۾ هڪ تبديليءَ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، ملتان ٽيسٽ ۾ امام الحق جي شموليت جو امڪان آهي، سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ ملتان ۾ اضافي بيٽر کي کيڏائڻ چاهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻي ٽيسٽ ۾ امام الحق کي شامل ڪيو ويو ته هو محمد حريرا سان گڏ اننگز جي شروعات ڪندو. ذريعن موجب، امام الحق جي ٽيم ۾ شموليت سبب فاسٽ بالر خرم شهزاد کي پليئنگ اليون مان ڊراپ ڪيو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان کي ويسٽ انڊيز…

Read More

ترڪ صدر رجب طيب اردگان 12 کان 13 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي اسٽريٽيجڪ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين اڳڀرائي جو سبب بڻجندو. ذريعن موجب، ترڪ صدر جي دوري دوران گڏيل سهڪار جي نون منصوبن تي صحيحون ٿيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ پارٽنرشپ وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون. صدر اردگان سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان پهچندو، جيڪو سياسي، معاشي ۽ ثقافتي شعبن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي اهم اڳڀرائي ڪندو. ترڪ صدر جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر اردگان گڏجي…

Read More

جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي مولانا اسد الله ڀٽو، اڳوڻي امير محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ڪراچيءَ ۾ سندن رهائش گاهه تي پهچي ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي، زمينن تي ولار توڻي سنڌوءَ مٿان 6 نوان ڪينال اڏڻ خلاف جماعت سلامي پاران 26 جنوري آچر ڏهاڙي حيدرآباد ۾ رٿيل پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته پ پ جيڪڏهن نه چاهي ها ته ڪئنالن وارو تڪراري منصوبو ڪونه…

Read More

چيني سيڙپڪار پوليس طرفان مبينا طور هراسان ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ پوليس طرفان هراسان ڪرڻ جي خلاف چيني سيڙپڪارن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڇهن چيني سيڙپڪارن طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي گهرو وزارت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي، سي پيڪ سيڪيورٽي، ملير پوليس جي عملدارن، چيني سفارتخاني ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پوليس جي هراساني ۽ ڀتاخوري کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اهي لاهور يا واپس چين هليا وينداسين. درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته هوائي اڏي تان…

Read More

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اربين رپين جي ماليت جون هڪ هزار کان وڌيڪ گاڏيون خريدڻ تي ايف بي آر اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي ايف بي آر طرفان 1010 گاڏين جي خريداري جو نوٽيس ورتو ۽ اربين رپين جون هڪ هزار گاڏيون خريدڻ واري فيصلي تي ايف بي آر اختيارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جو چوڻ…

Read More

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سنڌڙي پوليس پاران جڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ميرپورخاص جي عدالت ۾ ٿي، جتي رهيل 9 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن بعد عدالت ڪيس کي آرڊر تي رکيو ويو آهي جنهن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، عدالت ٻاهران ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي ميرپورخاص اسلم جاڳيراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجڻ ۽ جوابدار وٽان پسٽل هٿ اچڻ وارو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد سنڌ حڪومت جي…

Read More