Author: Sindh Dharti

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان اڱاري ڏينهن ملڪ جي مالياتي موبائل والٽ ايزي پيسا کي ڊجيٽل ريٽيل بينڪنگ (ڊي آر بي) جو پهريون لائسنس جاري ڪري ڇڏيو. مرڪزي بينڪ جي گورنر جميل احمد اڄ ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران ڊي آر بي جو پهريون لائسنس ايزي پيسا بينڪ لميٽيڊ کي ڏنو. اسٽيٽ بينڪ هڪ بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي ته ايزي پيسا بينڪ لميٽيڊ کي ڊي آر بي لائسنس ڏيڻ سان جدت کي هٿي ملندي، مالي شموليت ۾ واڌ ٿيندي ۽ سستيون ڊجيٽل مالي خدمتون عام ماڻهن جي پهچ ۾ هونديون. تقريب ۾ ڊجيٽل بينڪن جا سي اي اوز، پاڪستان بينڪس…

Read More

قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق پي ٽي آءِ جي نه اچڻ تي ڳالهين جي ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو پر ڪميٽي کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اياز صادق موجب گذريل اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته 7 ورڪنگ ڏينهن ۾ ٻيهر اجلاس ٿيندو، اڄ 7 ڏينهن پورا ٿي ويا، اسان سڀني کي اجلاس جي دعوت ڏني، اميد هئي ته اپوزيشن ميمبر ايندا. هن چيو ته اسان 45 منٽ انتظار ڪيو، انهن طرفان پيغام آيو ته نه ايندا، مان پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته اسان پنهنجي اعليٰ قيادت سان رابطو ڪري…

Read More

آمريڪا ۾ هٿرادو قيامت جي گهڙي کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو، اها گهڙي دنيا کي پيش خطرن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي. قيامت جي ان هٿرادو گهڙي کي 1947 ۾ ٺاهيو ويو هو، اها گهڙي بليٽن آف دي ايٽامڪ سائنٽسٽس طرفان ٺاهي وئي هئي. گهڙي جو وقت ٻڌائيندو آهي ته جوهري هٿيارن، موسمياتي تبديلين ۽ ٻين خطرن سبب دنيا تباهي جي ويجهو آهي. گهڙي جو مقصد سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ زندگين کي پيش خطرن بابت شعور اجاڳر ڪرڻ آهي، آمريڪا ۾ موجود هٿرادو قيامت جي گهڙي جو وقت اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته…

Read More

آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو پرڏيهي کاتي ۽ بين الاقوامي ترقي بابت آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي يا ان ذريعي مالي مدد فراهم ڪندڙ سموري آمريڪي پرڏيهي امداد کي نظرثاني لاءِ روڪي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا منصوبا متاثر ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيان موجب آمريڪي صدر سمورن پرڏيهي امداد جي پروگرامن جو جائزو وٺي رهيو آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اهي آمريڪا جي فرسٽ ايجنڊا تحت آمريڪي پرڏيهي پاليسي موجب هجن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ واضح طور چيو آهي ته آمريڪا هاڻ…

Read More

انگلينڊ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 26 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. راج ڪوٽ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون. بين ڊڪٽ 51، ليام ليونگسٽن 43، ڪپتان جوز بٽلر 24 رنسن جي اننگز کيڏي، ڀارت طرفان ورون چڪرورٿي 5 شڪار ڪيا. جواب ۾ ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنسون ٺاهي سگهي، هارديڪ پانڊيا 40، اڀيشيڪ شرما 24، تلڪ ورما 18، ڪپتان سوريا ڪمار ياديو 14 رنسن سان اڳڀرا رهيا. انگلينڊ جي جمي اورٽن 3، بريڊن ڪرس،…

Read More

بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت مشهور پاڪستاني اداڪار سان شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته مان هڪ مسلمان ڇوڪرَي سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، مان ٽي ڀيرا مڪي پاڪ ويس، جتي مان دعا ڪئي ته اهڙو مڙس گهرجي، جيڪو هڪ باعمل مسلمان هجي ۽ مان شادي ڪرڻ پاڪستان اچي رهي آهيان. هن انڪشاف ڪيو ته مون کي مشهور پاڪستاني ڊجيٽل تخليق ڪار ۽ اداڪار دودي خان طرفان پرپوز ڪيو ويو آهي، جيڪو مان قبول ڪري ورتو آهي، مان مسلم طريقي سان شادي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي. هوڏانهن دودي خان جي راکي ساونت…

Read More

عالمي مارڪيٽ ۽ پاڪستان ۾ سون سستو ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ 3 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ في اونس سون جي قيمت 2767 ڊالرن جي سطح تي اچي وئي آهي. اهڙي ريت سومر ڏينهن مقامي مارڪيٽن ۾ به سون سستو ٿيو ۽ في تولي سون جي قيمت 300 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 89 هزار 100 رپيا، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 257 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 27 هزار 209 رپيا ٿي وئي آهي.

Read More

ندو واپاري آسن سني سونارو کي ڌمڪي آميز خط ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ واري مامري کانپوءِ  سڪرنڊ ۾ ھندو واپارين ۾ خوف جي لھر ڇانيل آهي،متاثر واپاري سان يڪجهتي طور سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سندس سونارڪي دڪان تي پھچي يڪجهتي جو اظھار ڪندي چيو ته  جتي قانون لاڳو ڪندڙ ڪمزور ھجن اتي اھڙي قسم جا مامرا عام بڻيل آھن خاص طور اتر سنڌ ۾ ته ھاڻ شام ٿيندي امن امان جي صورتحال خراب ٿيو وڃي سنڌ جي ھندو واپارين کي ٽارگيٽ بڻائي اغوا ڪرڻ سميت ڀنگ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي،ھاڻ نوابشاھ ضلعي ۾ پڻ…

Read More

چيني سيڙپڪارن سنڌ پوليس خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ داخل هراسان ڪرڻ ۽ ڀتو گهرڻ جا الزام واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ هراسان ڪرڻ ۽ ڀتي خوري جهڙن الزامن تي 24 جنوري تي سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت، پرڏيهي وزارت، چيني سفارتخاني ۽ قونصليٽ کان جواب طلب ڪيو آهي. پر ٻن چيني سيڙپڪارن طرفان درخواست واپس وٺڻ جي الڳ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اعليٰ اختيارين رابطو ڪري خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي ايسوسيئيشن جي سربراهه مسٽر لي موجب پوليس تي الزام غلط فهمي جي بنياد…

Read More

رحمتن ۽ برڪتن واري رات شب معراج مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. شب معراج تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي مسجدن کي سينگاريو ويو آهي، جتي عالم معراج جي واقعي ۽ ان جي فضيلت تي روشني وجهندا . واضح رهي ته شب معراج جي مناسبت سان سنڌ حڪومت سڀاڻي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

Read More