Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
Author: Sindh Dharti
4 سال اڳ هر قسم جي ڪرڪيٽ کي الوداع چوندڙ اي بي ڊويليئرز ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڱاري ڏينهن اڳوڻي ڪرڪيٽر تصديق ڪئي ته شوقين کيس ٻيهر ميدان ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسندا. هن چيو ته مان هلندڙ سال ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي ٻئي ايڊيشن ۾ نه رڳو ڏکڻ آفريقا چيمپيئنز جي نمائندگي ڪندس پر ڪپتاني به ڪندس. ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز هڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ آهي، جنهن ۾ رٽائرڊ ڪرڪيٽر حصو وٺندا آهن. ڪرڪيٽ ۾ واپسي جي فيصلي تي روشني وجهندي اي بي ڊويليئرز چيو ته 4 سال اڳ مان هر قسم جي…
سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي ٽريفڪ سگنلز تي پينن خلاف گرينڊ آپريشن جو حڪم ڏيندي تنبيهه ڪئي آهي ته ڪراچي جي ڪنهن به سگنل تي کدڙو فقير يا ٻيو ڪو پينو موجود نه هجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٽريفڪ سگنلز تي کدڙن فقيرن جي پنڻ خلاف درخواست تي پوليس کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته ڪراچي جي ڪنهن به سنگل تي کدڙي فقير سميت ٻيو ڪو به پينو موجود نه هجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪئي ته ٽريفڪ سگنلز تي پينن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت قرار ڏنو ته…
سنڌ حڪومت خوراڪ جي عالمي اداري جي سهڪار سان سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي منجهند جو کاڌو مفت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشي ياما (Ms. Coco Ushiyama) وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ خوراڪ جي چئلينجن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيد سردار علي شاهه چيو ته وسيلن جي کوٽ سميت ٻين سببن جي ڪري ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي مناسب خوراڪ فراهم نه ٿا ڪري سگهن، جنهن سبب انهن جي سکيا جو عمل…
آمريڪي ملڪ ڏکڻ سوڊان جي اتر علائقي ۾ هڪ جهاز حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز اربع جي صبح اٽڪل ساڍي 10 وڳي يونٽي رياست ۾ آئل فيلڊ ڀرسان ڪِري تباهه ٿيو، اهو جهاز تخت گاهه جوبا لاءِ روانو ٿيو هو. اختيارين موجب هوائي جهاز اڏي کان 500 ميٽرن جي فاصلي تي ڪري تباهه ٿيو، ان ۾ 21 مسافر سوار هئا ۽ هڪ جيئرو بچيو آهي
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار قانوني تشريح جو ڪيس جسٽس منصور علي شاهه جي ريگولر بينچ ۾ فڪس ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جي ڪيس جي معاملي ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس جسٽس منصور شاهه جو ريگولر بينچ ۾ قانوني تشريح جو ڪيس فڪس ڪرڻ تي پڇاڻو ڪندي فڪسر برانچ جي آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب ڪري ورتي. ذريعن موجب نوٽيس ۾ لکيو ويو آهي ته آئيني بينچ جو ڪيس جسٽس منصور ريگولر بينچ ۾ ڪيئن لڳي ويو، ان تي آفيسر…
پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي آيل آمريڪي عورت گارڊن ۾ نوجوان جي گهر پهچي وئي پر گهر ڀاتي گهر بند ڪري هليا ويا. پوليس موجب عورت عمارت جي پارڪنگ ۾ ويٺي آهي، جڏهن ته عمارت جي انتظاميا فليٽ جا دَر بند ڪري ڇڏيا آهن. ان موقعي تي هڪ صحافي آمريڪي عورت کان سوال ڪيو ته توهان ڪنهن سان شادي ڪرڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي آمريڪي عورت جواب ڏنو ته 3 هزار ڊالر ڏيو پوءِ ٻڌائينديس.
صدر آصف علي زرداري تڪراري پيڪا ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صدر آصف علي زرداري اليڪٽرانڪ ڪرائمز جي روڪٿام (ترميمي) بل 2025 (پيڪا) جي منظوري ڏئي ڇڏي. آصف علي زرداري ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل 2025 ۽ نيشنل ڪميشن آف دي اسٽيٽس آف وومين (ترميمي) بل 2025 جي به منظوري ڏني آهي.
چيني اسٽارٽ اپ ڊيپ سيڪ جي هٿرادو ذهانت (اي آءِ) اسسٽنٽ پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف چيٽ جي پي ٽي کي پوئتي ڇڏيندي آمريڪا ۾ ايپل جي ايپ اسٽور تي دستياب ٽاپ ريٽڊ مفت ايپليڪيشن بڻجي وئي آهي، جنهن سان آمريڪي ٽيگ مارڪيٽ ۾ ڳڻتي ڇانئجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 10 جنوري تي رليز ٿيندڙ ڊيپ سيڪ جي وي 3 ماڊل جي حوالي سان ان جي تخليق ڪارن دعويٰ ڪئي آهي ته اهو اوپن سروس ماڊلز ۾ سرفهرست آهي ۽ عالمي سطح تي جديد ترين ڪلوزڊ سورس ماڊلز جو مقابلو ڪري رهيو آهي. ايپ ڊيٽا ريسرچ فرم سينسر ٽاور…
سينيٽ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به پيڪا ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، ايڪٽ جي منظوري دوران اپوزيشن بل جي مخالفت ڪئي ۽ احتجاج ڪيو، جڏهن ته صحافين سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي دوران واڪ آئوٽ ڪيو. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز چيو ته اسان بل جي حمايت نه پيا ڪيون، بل جو طريقي ڪار درست ناهي، جيڪي ڪيس آهن انهن لاءِ نه ادارو ٺهيو، نه جج آهن نه وڪيل. جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيڪا ايڪٽ تي منهنجون ترميمون هيون، جن کي نه ڪميٽي منظور ڪيو ۽ نه…
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واپارين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته توهان کي ڪنهن وزير يا وڏي وزير مان شڪايت آهي ته مون سان ڳالهايو، ڪنهن ٻئي کي دانهن نه ڏيو. ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت طرفان واپارين جي مان ۾ مانجهاندي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ اهڙو ڪو شعبو ناهي، جنهن سان منهنجو رابطو نه هجي، ان جو مقصد توهان جا مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪڍڻ آهي، بزنس ڪميونٽي سان رابطو وڌائينداسين. هن چيو ته صوبي جي ذميواري پ پ جي آهي، ڪنهن ٻئي کي دانهن ڏيڻ جي ضرورت ناهي، توهان کي ڪا…