Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
Author: Sindh Dharti
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهورتي ٻڌل ٻه رڪني بئيچ ۾ ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا ايف آءِآر مان خارج ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي عدالت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيوآهي، عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدار خالد احمد لنڊ ، سندس پٽن شهباز لنڊ نور محمد لنڊ جو قتل ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪجي ٿو .عدالت جي لکت واري فيصلي کان پوءِ جوابدار ، ايم اين اي خالد لنڊ ،سندس پٽن شهباز لنڊ ، نور محمد لنڊ کي 14 فيبروري تي دهشتگردي ٽوڙ…
ڊکڻ ڀرسان بڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومراڻي وڌيا ٻاهران محمد حسن عرف حسنو لولائي ۽ عثمان لولائي جي پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،ماءُ ۽ ڌيءَ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا،مارجي ويلن ۾ 30 ورهين جو رفيق عرف ڪالي لولائي، 32 ورهين جي فهميده زال معشوق لولائي، سندس 3 ورهين جي عليشا ڌيءَ معشوق لولائي گوليون لڳڻ سبب شامل آهن ، حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، جهيڙي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون، جهيڙي…
سانگهڙ پوليس چوٽياريون سانحي جي گرفتار 9 جوابدارن کي نوابشاھ جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو ،سانگهڙ پوليس چوٽياريون سانحي جي گرفتار جوابدارن محمد علي جتوئي، اميد علي جتوئي ، صادق علي جتوئي ، ڳوٺ پنهل سان تعلق رکندڙ اوڀايو راڄڙ، گاجي راڄڙ، شريف راڄڙ، حمزو راڄڙ جڏهن ته ڳوٺ ڊڀري سان تعلق رکندڙ صدام راڄڙ ۽ سومر راڄڙ کي نوابشاهه جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو، جنهن تي عدالت جوابدارن جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڪري ورتو. چوٽياريون سانحو، عدالت پاران ايس ايس پي سانگهڙ تي ڪاوڙ جو اظهار سانگهڙ ( ڊ ر)…
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان آخري ون ڊي سيريز ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏي هئي، ڏکڻ آفريقا خلاف جيڪو 15 رڪني اسڪواڊ کيڏايو ويو هو، ان ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن. عبدالله شفيق، عرفان نيازي، صائم ايوب ۽ سفيان مقيم کي ڊراپ ڪري فهيم اشرف، فخر زمان، خوشدل شاهه ۽ سعود شڪيل کي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي. پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، بابر اعظم، فخر زمان، ڪامران غلام، سعود شڪيل، طيب طاهر، فهيم اشرف، خوشدل شاهه، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عثمان خان، ابرار احمد،…
پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته آمريڪا 90 ڏينهن لاءِ امدادي پروگرام جائزي لاءِ روڪيا آهن. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪا 90 ڏينهن لاءِ امدادي پروگرام روڪيا آهن ته جيئن ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهجي، اميد ته اهي امدادي پروگرام جلد ٻيهر شروع ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان آيل آمريڪا جي وفد جي دوري کي پرڏيهي وزارت هينڊل نه پئي ڪري، اهو دورو سيڙپڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي جي معمول جي دورن جو حصو آهي. واضح رهي ته آمريڪا تقريبن سمورا پرڏيهي امدادي پروگرام عارضي طور تي معطل…
وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کليل دل سان پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ويٺاسين ۽ انهن کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو پر اهي ڳالهين کان ڀڄي رهيا آهن. هن چيو ته اسان نيڪ نيتي سان پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيون، اسان جي ڪميٽي چيو ته پنهنجا لکت مطالبا ڏيو. وزيراعظم پي ٽي آءِ کي ڪميشن بدران پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي آڇ ڪندي چيو ته اچو ويهو، اسان هائوس ڪميٽي…
وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ تي تحريڪ انصاف جو ردعمل اچي ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز وزيراعظم جي آڇ تي جواب ڏيندي چيو ته هائوس ڪميٽي جوڙڻ ڪو طريقو ناهي، اسان جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ان ڪري پيا ڪيون ته ماڻهن جو ان تي اعتماد هوندو آهي، هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز بهتر ناهي. هن چيو ته اسان جي قانون ۽ انصاف جي جنگ هلي رهي آهي، جيترو ممڪن ٿي سگهيو اسان قانون ۽ انصاف سامهون پيش ٿيندا رهنداسين. سندس چوڻ هو ته ڳالهين جو مقصد عدم استحڪام ختم ڪرڻ هو، ملڪ کي سياسي بحران مان…
ٻاهرئين ملڪ وڃي پنڻ جي واقعن جي معاملي تي سينيٽ ۾ پينن جي روڪٿام بابت ترميمي بل پيش ڪيو ويو. بل جي متن ۾ منظم طور پنڻ جي تعريف بيان ڪئي وئي آهي، جنهن موجب منظم طور پنڻ ڪنهن عوامي هنڌ تي خيرات گهرڻ يا وصول ڪرڻ آهي، قسمت جو حال ٻڌائي ڪرتب ڏيکاري پنڻ کي به منظم پنڻ قرار ڏنو ويو آهي، منظم پنڻ سان مراد بهاني سان شيون وڪرو ڪرڻ به آهي. بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته منظم پنڻ، ان لاءِ ڀرتي، پناهه ڏيڻ يا منتقلي تي 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ…
پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ آمريڪا کان آيل عورت کي پوليس نجي هوٽل کان ڇيپا هيڊ آفيس منتقل ڪيو ويو. ڇيپا ويلفيئر جي ترجمان موجب عورت کي ڌار ڪمرو فراهم ڪري کاڌو ڏنو ويو آهي، هوءَ ذهني دٻاءَ ۾ آهي ۽ ڪنهن سان نه پئي ڳالهائي.
ماضي جي مشهور ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا جو هوءَ اڃا تائين هڪ تڪراري اداڪارا طور سڃاتي ويندي آهي، جيڪا اڄڪلهه هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻيل آهي. ممتا ڪلڪرني 90 جي ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارائن مان هڪ هئي پر گهڻي شهرت کيس هضم نه ٿي سگهي ۽ هوءَ اوچتو انڊسٽري کان پري هلي وئي. اداڪارا پنهنجي شهرت جو غلط استعمال ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا، جنهن سبب هوءَ اڃا تائين هڪ تڪراري اداڪارا طور سڃاتي ويندي آهي. ممتا جو نالو انڊر ورلڊ ڊان…