Author: Sindh Dharti

پ پ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. سنڌ حڪومت جي ترجمان نادر گبول نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍيا ويا ته وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي وينداسين. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي ويندي، پوءِ هيءَ حڪومت نه رهندي، پي ٽي آءِ جي حڪومت کي به اسان ڪيرايو هو. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست…

Read More

اڪستاني نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي آيل آمريڪي عورت عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳي، جنهن کانپوءِ کيس علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آمريڪي عورت اونيجا جو جناح اسپتال جي نفسياتي وارڊ ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، کيس پوليس اسپتال وٺي آئي، سندس پيرن ۾ سوڄ آهي ۽ عجيب ڳالهيون ڪري رهي آهي.

Read More

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وزيراعظم خزانو کولي، ڪراچي کي 15 نه 1500 ارب گهرجن. صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم کي آڇ ڪئي ته وفاق کان ڪراچي لاءِ پيسا آڻيو ۽ مون سان گڏ ويهو، شهر جا مسئلا ڳالهين ۽ پريس ڪانفرنس سان حل نه ٿيندا. هن چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو آهي، لاهور ۾ زمين جو پاڻي مٺو آهي پر هتي ناهي، پاڻي جي مسئلي تي لاهور جو مثال ڪراچي ۾ نٿو ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ايم ڪيو ايم وزيراعظم کي چئي ته وفاق ڪراچي…

Read More

سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌي رانديگرن کي حق نه مليو ته پنهنجو ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهينداسين. سنڌ حڪومت طرفان صوبائي يوٿ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح راندين واري وزير محمد بخش مهر ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد بخش مهر چيو ته ڪرڪيٽ رڳو پنجاب کان خيبر پختونخواهه تائين نه پر سنڌ ۾ به آهي، سنڌ جي ڪرڪيٽرن کي ميرٽ جي بنياد تي حق نه مليو ته پنهنجو ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهينداسين. هن چيو ته قومي ٽيم تائين ويندڙ سنڌ جا ڪرڪيٽر ڊگ آئوٽ ۾ ويٺا هوندا آهن، چيمپيئنز…

Read More

سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته رياست شروع کان ئي تعليم کي ترجيح نه ڏني. پنهنجي بيان ۾ سردار شاهه چيو مان ڪوشش ڪئي ته تعليم بابت سمورا قانون پڙهان، اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هن چيو آئين چئي ٿو ته 16 سالن تائين جي ٻارن کي مفت تعليم ڏني وڃي، سنڌ جي تعليم کاتي جي 92 سيڪڙو بجيٽ پگهارن وغيرا ۾ هلي ويندي آهي.

Read More

ڪراچي چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر فهيم اشرف کي شامل ڪرڻ تي شوقين سليڪشن ڪميٽي تي ڏمرجي پيا. گذريل ڏينهن چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، بابر اعظم، فخر زمان، ڪامران غلام، سعود شڪيل، طيب طاهر، فهيم اشرف، خوشدل شاهه، عثمان خان، ابرار احمد، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ محمد حسنين شامل آهن. ڪرڪيٽ فينز فهيم اشرف جي اسڪواڊ ۾ شموليت تي حيرانگي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙي ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو…

Read More

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائيون ڪندي 23 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ايف سي جا 18 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب قلات جي علائقي منگوچر ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به حصو ورتو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪارروائي دهشتگردن طرفان روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش تي ڪئي وئي، جنهن دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته منگوچر آپريشن ۾ دهشتگردن سان وڙهندي 18 ايف سي جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب 31 جنوري ۽ پهرين فيبروري جي وچين رات دهشتگردن روڊ بلاڪ…

Read More

واشنگٽن, آمريڪي ريست پنسلوينيا جي شهر فلاڊيلفيا جي اتر اوڀر علائقي ۾ شاپنگ مال ڀرسان هڪ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو. آمريڪي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون ۽ حادثي جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ به شروع ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته خميس ڏينهن به واشنگٽن ۾ هڪ مسافر جهاز هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجي ويو هو، جنهن ۾ موجود سمورن 67 ماڻهن کي مئل تصور ڪيو ويو آهي، هيل تائين 41 لاشن جا حصا هٿ ڪيا ويا آهن ۽…

Read More

راولپنڊي  9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس بابت تصويرون ۽ پهچندڙ نقصان جي ڪاٿي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان کي به عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو. ڪيس ۾ وڌيڪ ٻه شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جن ۾ ڪانسٽيبل عمران ۽ ايس ڊي او اويس شاهه شامل آهن. ڪانسٽيبل عمران جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون، جڏهن ته اويس شاهه طرفان جي ايڇ ڪيو گيٽ…

Read More

گورنمينٽ ڪاليج جو سپرنٽينڊنٽ فيس جي مد ۾ وصول ڪيل لکين رپيا کڻي فرار ٿي ويو اهو واقعو ڪراچي جي گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ناظم آباد ۾ پيش آيو، جتي ڪاليج جو سپرنٽينڊنٽ شاگردياڻين جي فيس جي مد ۾ وصول ڪيل 9 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويو. ان حوالي سان ڪاليج پرنسپال سپرنٽينڊنٽ تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ته ڪجهه متاثر شاگردياڻين جا ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين کي به جلد ايڊمٽ ڪارڊ ڏنا ويندا.

Read More