Author: Sindh Dharti

گهرو معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان پريونشن آف سمگلنگ آف مائيگرنٽس ۽ پينو فقيرن بابت سزائن ۾ واڌ جو بل متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. سينيٽر فيصل سليم جي صدارت هيٺ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت طرفان پريونشن آف سمگلنگ آف مائيگرنٽس بل پيش ڪيو ويو. گهرو سيڪريٽري خرم آغا چيو ته انساني سمگلنگ تمام گهڻي ٿي وئي ان حوالي سان هي بل انتهائي اهم آهي، بل ۾ ڪنوڪشن ۽ سزائن بابت جوڳا قدم کڻڻ چيو ويو آهي. سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته سزائون وڌائڻ جو مقصد اِهو آهي ته جوابدارن…

Read More

سنڌ سرڪار منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي جو منصوبو جوڙيندي الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سنڌ حڪومت جو کاڌ خوراڪ وارين شين تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت خاص مددگار وقار مھدي ۽ بيورو آف سپلائي جي اسپيشل اسسٽنٽ عثمان ھنڱورو جي صدارت ٿيو، جنهن ۾ زراعت واري سيڪريٽري سھيل احمد قريشي، ڊي جي بيورو آف سپلاءِ شاڪر قيوم خانزاده ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کڻڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي خاص مددگار وقار مهدي چيو ته سنڌ حڪومت منافع خورن خلاف ڪارروائي لاءِ الڳ…

Read More

رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي خاموشي سان جاڙن شهرن مان نيڪالي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته هوريان هوريان افغانستان منتقل ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، حڪومت رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي اسلام آباد ۽ راولپنڊي مان نيڪالي ڏيڻ ۽ هوريان هوريان کين ملڪ واپس موڪلڻ جي رٿا تيار ڪري ورتي آهي. اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان حوالي سان ڪو به اعلان ڪرڻ کانسواءِ منصوبي تي عملدرآند شروع ڪن.

Read More

اطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو، وارثن عدالت کي جوابدارن سان ٺاهه بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فاطمه ڦرڙو جي ماءُ شبنم ڦرڙو عدالت کي جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ ۽ ضمانت ڏيڻ لاءِ لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي بعد جوابدار ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ قربان ملاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريادڻ شبنم ڦرڙو عدالت ۾ لکت ذريعي ٺاهه ڪيو آهي، ايندڙ ٻڌڻي 7 جنوري تي ٿيندي، جنهن ۾ جوابدارن جي ضمانت ٿي ويندي

Read More

گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ 50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته لاڙڪاڻو اچڻ جو مقصد امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ هو. هن چيو ته هندو برادري کي اقليت نٿو چئي سگھجي ٿو، هندو اسان جا ڀائر ۽ برابري جا حق دار آهن. گهرو وزير جو چوڻ هو ته جن ماڻهن وٽ غير ضروري پوليس اهلڪار آهن، اُهي سڀ واپس ورتا ويندا، ايس ايس پيز کي چئي ڇڏيو آهي ته ان معاملن ۾ ڪا به سياسي…

Read More

پي ٽي آءِ باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي خط لکي ڇڏيو. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني پارٽي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم طور آرمي چيف کي 6 نڪتن تي ٻڌل خط لکيو آهي. فيصل چوڌري ٻڌايو ته خط ۾ پهريون نڪتو فراڊ اليڪشن ۽ مين لانڊررز کي کٽرائڻ بابت آهن، ٻيو نڪتو 26هين آئيني ترميم، قانون جي حڪمراني ۽ عدليا متاثر ٿيڻ تي آهي، جڏهن ته عمران خان القادر ٽرسٽ ڪيس فيصلي جو به حوالو ڏنو آهي. فيصل چوڌري موجب خط ۾ چوٿون نڪتو…

Read More

پاڪستان ۽ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ وچ ۾ 1.61 ارب ڊالرن جي معاهدن تي صحيحون ٿي ويون پاڪستان ۽ سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ سعودي سفير به موجود هئا. پاڪستان ۽ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ وچ ۾ 1.61 ارب ڊالرن جي معاهدن تي صحيحون ٿيون. هڪ مفاهمتي يادداشت موجب سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي تيل جي هڪ سال دير سان ادائيگي تي درآمد ڪرڻ جي سهولت ڏيندو.

Read More

بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون جي ڀائٽي انجني ڌون، سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ ۾ ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي انجني ڌون گذريل سال فلم ”بني اينڊ فيملي“ ذريعي پنهنجي فلمي سفر جو آغاز ڪيو هو، هاڻ هوءَ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ هڪ خواب هو، جيڪو پورو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مان سلمان خان جي سڀ کان وڏي مداح رهي آهيان، مون کي هن جون فلمون تمام گهڻيون پسند آهن، مون کي يقين نٿو اچي ته مان سلمان خان…

Read More

سنڌ ڪابينا آءِ ايم ايف جي شرط تي ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو جنوري 2025 کان لاڳو هوندو. وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب صوبائي حڪومت ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ لائيو اسٽاڪ کي شامل ناهي ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بورڊ آف ريونيو بدران سنڌ ريونيو بورڊ جمع ڪندو، جڏهن ته قدرتي آفتن جي صورت ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي. ترجمان ٻڌايو ته آباد ايراضي لڪائڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، ننڍين ڪمپنين تي زرعي ٽيڪس 20 سيڪڙو ۽ وڏين ڪمپنين تي 28 سيڪڙو لاڳو…

Read More

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي غلط رستو ڏيکاريو ويو، وفاق اسان کي بند گهٽي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته زرعي ٽيڪس اڳ به لاڳو هو ۽ ماڻهو اهو ٽيڪس ڏئي رهيا آهن، سنڌ روينيو بورڊ هر سال پنهنجا هدف پورا ڪيا آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهائڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي پر صوبن کي شامل نه ڪرڻ غلط آهي، اسان اڳ ئي زرعي ٽيڪس گڏ ڪندا هئاسين، گذريل سال مئي ۾ وفاق چيو ته اهو ٽيڪس ايف بي آر گڏ ڪندو، وزيراعظم پاڻ…

Read More