Author: Sindh Dharti

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بچاءُ واري وزير آمريڪي صدر جي غزا تي قبضي جي اعلان کانپوءِ فوج کي الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي بچاءُ واري وزير خميس ڏينهن فوج کي تيار رهڻ جا حڪم جاري ڪيا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزا جي رهواسين کي رضاڪاراڻي طور علائقو ڇڏڻ جي رٿابندي لاءِ تيار رهي. رپورٽن موجب، اسرائيلي وزير اهو حڪم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا تي قبضي واري اعلان کانپوءِ جاري ڪيو، جڏهن ته ٽرمپ کي اهڙي اعلان کانپوءِ عالمي سطح تي سخت مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي…

Read More

لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن ڪورٽ رمضان شوگر ملز ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز کي بري ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج سردار اقبال ڊوگر درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون. ياد رهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز تي قومي ناڻي مان رمضان شوگر ملز لاءِ نالو ٺاهڻ جو الزام هو، پر ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي پنهنجي بيان تان ڦري ويو هو. نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ اهو ريفرنس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو.…

Read More

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا بابت بيان کي غير منصفاڻو، تڪليف ڏيندڙ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي آفيس ۾ هفتي واري بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته پاڪستان فلسطين جي خواهش موجب ٻه رياستي حل جو حامي آهي ۽ جيڪو فلسطيني چاهين ٿا ان جي حمايت ڪري ٿو. ترجمان غزا ۾ عوام جي منتقلي واري بيان کي غير منصفاڻو، تڪليف ڏيندڙ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته عالمي برادري غزا ۾ اسرائيل جي جنگي ڏوهن جو محاسبو ڪري. ترجمان غزا ۾ اسرائيلي ظلمن جي…

Read More

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ داخلا کان روڪڻ تي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري تپي باهه ٿي ويو. اڊيالا جيل جي گيٽ تي روڪڻ تي فيصل چوڌري جيل عملي سان منهن ماري ڪئي. جيل ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي فيصل چوڌري ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ جيل اهلڪارن سان تڪرار ڪيو، جڏهن ته هن گاريون به ڏنيون. ان بابت فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته اڄ نوَ مئي جي ايڇ ڪيو ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي، کيس ٻن ڪلاڪن تائين ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جيل جي ڪمري ۾ ويهاريو ويو ۽ جيل عملو کيس هراسان…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي 14 فيبروري تي صوبي ۾ تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شبِ برات جي موقعي تي 14 فيبروري، خميس جي ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 15 شعبان تي سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ موڪل هوندي.

Read More

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر امشا رحمان مبينه ويڊيو ليڪ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي مشروط معافي ڏئي ڇڏي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر امشا رحمان جي مبينه ويڊيو ليڪ ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ضمانت جي درخواست تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عدنان رسول لاڙڪ ٻڌڻي ڪئي، عورت ٽڪ ٽاڪر ويڊيو ليڪ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالعزيز کي مشروط معافي ڏئي ڇڏي. ٽڪ ٽاڪر امشا رحمان جي وڪيل هادي علي چٺا چيو ته جوابدار شرمسار آهي، اسان کيس معاف ڪريون ٿا ۽ سندس ضمانت جي…

Read More

پاڪستاني شوبز اندسٽريءَ جي سينيئر اداڪارا ناديه افگن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. ويجهڙ ۾ سينيئر اداڪارا هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر سان گڏوگڏ مختلف موضوعن تي ڳالهايو. پروگرام دوران ميزبان کائنس پڇيو ته جيڪڏهن اوهان کي ڀارت مان فلم جي آڇ ٿئي ته ڪم ڪندئو؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ” بلڪل ڪم ڪنديس، مان هڪ فنڪار آهيان، جيڪڏهن سٺي ڪردار جي آڇ ٿي ته مان ضرور ڪنديس، آرٽ لاءِ سرحدن جي ڪائي حد نه آهي.“ ڪهڙي بالي ووڊ اداڪارا سان…

Read More

پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، عمران خان طرفان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي لکيل خط اڃا تائين موصول ناهي ٿيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيا تي خبر سامهون آئي ته پي ٽي آءِ باني ڪو خط لکيو آهي. ياد رهي ته عمران خان گذريل ڏينهن آرمي چيف کي خط لکيو هو جڏهن ته هو ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به خط لکي چڪو آهي

Read More

وزيراعظم شهباز شريف هن ڀيري رمضان جي مهيني ۾ يوٽيلٽي اسٽورن کان بغير رمضان پيڪيج آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم شروع ٿي چڪي آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جمرود ۾ پوليو ٽيم تي حملو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي زخمي ٿيندڙ جوانن جي عيادت ڪئي، فوج، ايف سي، رينجرز ۽ پوليس جا جوان پنهنجي جانن جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، ماضيءَ جي غلط پاليسين سبب اڄ جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، ماضيءَ ۾…

Read More

پيڪا ايڪٽ ترميمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي پيڪا ايڪٽ ترميمن خلاف شهري قيوم خان طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ پيڪا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ پيڪا ترميمن خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون بنيادي حقن جي خلاف آهن، پارليامينٽ کي اختيار ناهي ته بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فل ڪورٽ نه رڳو ترميمن پر اصل پيڪا ايڪٽ جو به بنيادي…

Read More