Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
Author: Sindh Dharti
آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ايلچي رچرڊ گرينل چيو آهي ته نامزد پرڏيهي وزير پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي ڳالهائڻ جي تياري ڪئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پاران نامزد ڪيل رچرڊ گرينل اهو انڪشاف هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايٽمي صلاحيت رکڻ وارن ملڪن سان معاهدو مختلف انداز ۾ ڪيو ويندو آهي. پاڪستان جي اڳوڻي حڪومت بابت سوال تي رچرڊ گرينل چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرئين مدي ۾ پاڪستان جي ان وقت جي حڪومت سان بهتر لاڳاپا هئا. عمران خان بابت رچرڊ گرينل چيو ته پاڪستان ۾ قيد اڳوڻو وزيراعظم پڻ ڊونلڊ ٽرمپ…
بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا سني ليون جي نالي تي ڀارتي شهري سرڪاري اسڪيم مان پئسا وٺندو رهيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه جي ضلعي بستر ۾ شادي شده عورتن جي مالي مدد جي سرڪاري اسڪيم ۾ اداڪارا سني ليون جو نالو به سامهون آيو آهي. ضلعي انتظاميا کي بالي ووڊ اداڪارا جو نالو استعمال جو پتو هڪ درخواست ملڻ کانپوءِ پيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري اسڪيم ۾ سني ليون کي جوني سنز جي زال قرار ڏنو ويو ۽ جعلسازي ذريعي مقامي شهري پئسا هڙپ ڪندو رهيو. رپورٽس موجب، ان اسڪيم تحت هر…
ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته انسانن جِي تيار ڪيل سڀ کان تيز رفتار شئي ڪهڙي آهي؟ جيڪڏهن نه ته ڄاڻي وٺو ته آمريڪي خلائي اداري ناسا طرفان تيار ڪيل ” پارڪو سولر پروپ “ انساني تاريخ جي تيز ترين سواري آهي. ان انسانن جي تيار ڪيل تيز ترين شئي جو رڪارڊ چار لک 30 هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري قائم ڪيو آهي. ان کان اڳ به اِهو رڪارڊ پارڪو سولر پروب وٽ ئي هو جيڪو ان ڪجهه عرصو اڳ ٽي لک 97 هزار 736 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري قائم ڪيو هو. پارڪو…
ڪراچي ۾ سمنڊ اندر انٽرنيٽ ڪيبل کي پاڪستان سان جوڙڻ جو ڪم جاري آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موجب پهرئين مرحلي ۾ ڪيبل جو پي ايل ايس اي ڪراچي هاڪس بي تي لاٿو ويو آهي. پي ٽي اي موجب ٻئي مرحلي ۾ اونهي سمنڊ ۾ ڪيبل وڇائڻ جو عمل اپريل 2025 کان شروع ٿيندو، ڪيبل 2 آفريقا سان پاڪستان کي 24 ٽيرا بائيٽس بينڊوٿ فراهم ٿيندي. هن وقت پاڪستان کي 7 ڪيبلز کان تقريبان 8 ٽيرا بائيٽس بينڊوٿ دستياب آهي، جڏهن ته اها ڪيبل ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين 5G جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿي. پاڪستان…
پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو 148 هون جنم ڏهاڙو اڄ سڄي ملڪ ۾ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڏينهن جي شروعات وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي سان ٿي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي ڄمڻ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي، جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا مختلف تقريبون ڪوٺائيندا. پاڪستان جي بانيءَ جي جنم ڏينهن تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب مزار قائد تي منعقد ٿي، جتي پاڪستان…
ملڪ ۾ سخت ٿڌ جي لهر جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب سيءُ وڌي ويو، جڏهن ته لاهور ۾ به ٿڌ وڌي وئي آهي. مري ۾ برفباري کانپوءِ سيءُ وڌي ويو، جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي مٿانهن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي. موسميات کاتي هلندڙ سيزن ۾ برسات ۽ برفباري گهٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته جنوري جي ٻئي هفتي کان ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي به ڪئي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي. سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو ته سنڌ جو عوام 6 ڪينالن جي معاملي تي پريشان آهن، ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي. هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جون ڳالهيون پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، انهن کي عوام ۽ ملڪ جي ڪا به پرواهه ناهي، اڄ هر پاڪستاني پريشان آهي، ملڪ ۾ نفرت هوندي ته ٻاهرين مداخلت ٿيندي. سندس چوڻ هو ته جتي انصاف نه هجي، اتي…
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مسيحي برادريءَ پاران اڄ ڪرسمس جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪرسمس جي وڻن سميت گرجاگهرن کي سينگاريو ويو. سڄي دنيا ۾ گرجاگهرن ۾ خاص عبادتون ۽ دعائون ٿي رهيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري طرفان مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن چيو ته حضرت عيسيٰ دنيا ۾ امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام آڻيندڙ آهي.
قازقستان جي شهر اڪتائو ۾ آذربائيجان جو مسافر جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جهاز ۾ عملي جي 5 ماڻهن سميت 72 مسافر سوار هئا، جن مان 14 مسافرن کي اسپتال نيو ويو آهي. رپورٽس موجب، ٻين مسافرن بابت اڃا تائين ڪو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته اسپتال منتقل ڪيل مسافرن مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز آذربائيجان جي راڄڌاني باڪو کان روس جي ماتحت هيٺ جمهوريه چيچن جي گادي واري شهر گروزني وڃي رهيو هو، پر…
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڊجيٽل اسپيس خطري ۾ آهي، نوجوانن کي هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل رائٽس لاءِ حڪومت جي سامهون مزاحمت ڪرڻي پوندي. سکھر آءِ بي اي ڪيمپس ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان فخر محسوس ڪريان ٿو ته هن يونيورسٽي جو بنياد منهنجي امڙ بينظير ڀٽو رکيو، هي ٻج وڻ بڻجي ويو ۽ عالمي سطح تي پنهنجي ساک رکي ٿو، هي هڪ بهترين ادارو آهي، جتي ٻين صوبن مان به ماڻهو تعليم حاصل ڪرڻ ايندا آهن. هن چيو حڪومت جو ڪم آهي هر شئي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾…