Author: Sindh Dharti

پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. ناڻي واري وزارت طرفان موجوده مالي سال جي پهرين 6 مهينن جي خرچن ۽ آمدني جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب پاڪستان پهرين 6 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. رپورٽ موجب 2900 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ پرائمري سرپلس 3600 ارب رپين تائين پهچي ويو، چئني صوبن 750 ارب هدف جي ڀيٽ ۾ 776 ارب سرپلس بجيٽ ڏني، صوبن 376 ارب روينيو هدف جي ڀيٽ ۾ 442 ارب…

Read More

اڪستان تحريڪ انصاف طرفان 8 فيبروري 2025 تي عام چونڊن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جنهن تحت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن. پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان مختلف علائقن ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته صوابي ۾ تحريڪ انصاف طرفان جلسو به ڪوٺايو ويو آهي. ملتان ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي نياڻي مهر بانو قريشي، اڳوڻي ايم اين اي زاهد بهار هاشمي ۽ دلير مهار کي گرفتار ڪري ورتو.…

Read More

انگهڙ  پ پ جي مرڪزي انفارميشن سيڪرٽري ايم اين اي شازيه عطا مري ڳوٺ جاني جوڻيجو پهچي چوٽياريون سانحي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪري دعا گهري ۽ زخمين جي عيادت ڪئي، انهي موقعي شازيه عطا مري چيو ته چوٽياريون واقعي ۾ زخمين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ علاج ڪرايو ويندو، واقعي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريان ٿي ۽ حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريان ٿي، شازيا مري سان گڏ رئيس معشوق علي چانڊيو ۽ اعجاز زرداري پڻ موجود هئا.

Read More

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي موڪل تي روانو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وڪيلن پنهنجو احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. حيدرآباد باءِ پاس تي لڳل احتجاج ٽئين ڏينهن ختم ٿيڻ بعد ٽريفڪ بحال ٿي وئي، جنهن بعد مسافر پنهنجين منزلن ڏانهن روانا ٿي ويا. ذاتي مصروفيتن جو سبب ڄاڻائي ايس ايس پي کي موڪل تي موڪليو ويو، جڏهن ته ان بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، سندس چارج ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان حوالي ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي جي بدلي کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي هڙتال جو…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارڻ تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گلشن اقبال ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارڻ تي مبينا ٽائون ٿاڻي ۾ 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 3 ڀائر به شامل آهن، سرڪاري فرياد تي داخل ڪيس ۾ دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن گلشن اقبال ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار تي جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران پوليس ڪاسٽيبل جي…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڌندڙ ٽريفڪ حادثن کي ڏسندي سنڌ حڪومت ڏينهن جو ڪراچي ۾ ڊمپرن جي داخلا تي پابندي جو فيصلو ڪري ورتو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي چيف سيڪريٽري جو ٽريفڪ حادثن تي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، اي آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ کي 3 مهينن ۾ آپريشن رات جي وقت شفٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ هلندڙ وڏين گاڏين ۽ ڊرائيورن جي فزيڪل ويريفڪيشن ۽ گاڏين کي ٽرانسپورٽ کاتي کان ڪيو آر ڪوڊ لڳائي…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري دعويٰ ڪئي آهي ته ٽريفڪ پوليس منهنجي حوالي ڪيو، ڪنهن جي به حياتي وڃي ته مان ذميوار هوندس. گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته مان روز جي بنياد تي شهر ۾ نڪرندس، جيڪي ٽينڪر مقرر وقت کان هٽي هلندي نظر ايندا ته انهن کي ٽريفڪ پوليس حوالي ڪندس. هن دعويٰ ڪئي ته ٽريفڪ پوليس کي منهنجي حوالي ڪيو وڃي، ان کانپوءِ ڪنهن جي حياتي وڃي ته مان ذميوار هوندس، وڏي وزير ۽ پ پ جي دوستن کي چوان ٿو ته اسپاٽ تي ڪم ڪيو، غفلت ڪندڙن کي سزا…

Read More

ڪوٽڙي ۾ ٻه وحشي جوابدار ستين درجي جي معصوم نينگر سان اجتعماعي بدفعلي ڪري کيس بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا. ڪوٽڙي سائيٽ ۾ صحافي جبار ڪابوري جي ستين ڪلاس جي معصوم پٽ زين سان 2 وحشي صفت جوابدار اعجاز ٻڙرو ۽الهه رکيو چانڊيو اجتماعي بدفعلي بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گهٽي ۾ اڇلائي فرار  ٿي ويا. اڌ رات جو نينگر جي ڳولا ۾ نڪتل پيءُ ۽ ٻين وارثن کي بي حال حالت ۾ مليو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گهر آڻڻ بعد  تعلقه اسپتال آڻي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو معاملي جي ڄاڻ پوڻ تي وڏي انگ…

Read More

پنجاب ۾ 42 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 50 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون آهن ۽ ملڪ غذائي کوٽ ۽  ڏڪار طرف وڃي رهيوآهي مينهن نه پوڻ جي ڪري برآمد ڪرڻ جهڙيون نارنگين جي پيداوار ۽ ڀاڄيون به گهٽ پيدا ٿيون آهن برفباري نه ٿيڻ سبب نه ڊيم ڀربا نه وري  واهن کي پاڻي ملي سگهندو.ڪپهه جي پيداوار به گهٽجي وئي آهي.حڪومت پاران سولر وسيلي جر جو پاڻي واپرائڻ جي حوصلي افزائي  جي ڪري  هاڻي جر جو پاڻي مينهن نه پوڻ سبب گهٽجي رهيوآهي ٽيوب ويلز مان مٺي بجاءِ کارو پاڻي اچڻ سبب زرعي ايراضي  خراب ٿيڻ جو مسئلو به ڪر کڻڻ…

Read More

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪا کانپوءِ اسرائيل به گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير گيڊيئن سار چيو ته آمريڪا جيان اسرائيل پڻ انساني حقن واري ڪائونسل تان دستبردار ٿي رهيو آهي. اسرائيلي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته انساني حقن واري ڪائونسل جي اسرائيل لاءِ تعصباڻي رويي سبب اسرائيل ڪائونسل مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي اسرائيل گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. اسرائيلي پرڏيهي وزير سماجي رابطن ويب سائيٽ ايڪس…

Read More