Author: Sindh Dharti

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 914 پوائنٽن سان اضافي سان بلند ترين سطح تي پهچي وئي. ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي هنڊريڊ انڊيڪس 914 پوائنٽن جي اضافي سان 95 هزار 106 پوائنٽن جي سطح تي پهچي وئي. صبح ڪاروبار جي شروعات ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج  ۾ 400 پوائنٽ اضافو ٿيو آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو هاڪاري لاڙو ڏسڻ م اچي رهيو آهي ۽ ان دوران هنڊريڊ انڊيڪس ڪيترائي ڀيرا نئين بلنديءَ تائين پهچي چڪي آهي.

Read More

پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت واپار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت وڏو سرپرائيز آڻي رهي آهي اعلان جلد ٿيندو، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڪاروبار، رهائش لاءِ سهولتون ڏيڻيون پونديون، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ ويزا پاليسي نرم ڪئي آهي:سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جون ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ 18هين بلڊ ايشيا نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هاڪاري تبديليون آڻڻ چاهيون ٿا، اسانکي پنهنجي رويي ۽ حڪمراني جي طريقن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، گورنر هائوس ۾ تقريب هڪ تنظيم…

Read More

لنڊن/نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري ليکڪه عائشه صديقه چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ انساني حقن جي ڪارڪن ادريس خٽڪ جي فوجي عدالت مان سزا تي گڏيل قومن به آواز اٿاريو،فوجي عدالتن مان هن وقت 25 ڄڻن کي سزائون آيون آهن،ان ۾ شفافيت به ناهي، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يونين اندر دٻاءُ وڌي رهيو آهي،هن چيو ته اسان اهو وساري رهيا آهيون ته اڄ جيڪڏهن پي ٽي آءِ آهي ته سڀاڻي توهان ۽ اسان به ان ڪٽهڙي ۾ بيهي سگهون ٿا،ڪنهن وڪيل کان پڇو ته ان سزا خلاف ڪهڙي قانون تحت هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ٿيندي؟هن چيو ته آءِ ايم ايف،جي…

Read More

يو يارڪ  نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار رچرڊ گرينل سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ کان مطالبو ڪيو ته هو پاڪستان کي انهن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪري جتي اسٽارلنڪ سروس جي سهولت لاءِ موجود آهي. رچرڊ گرينل ايڪس تي پوسٽ ذريعي مطالبو ڪيو ۽ پوءِ سندس پوسٽ کي ٻيهر شيئر ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر رچرڊ گرينل جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته اسان کي اسٽار لنڪ سروس جي ضرورت ان لاءِ به آهي جو اسٽيبلشمينٽ حقيقن تي ٻڌل خبرن جي پليٽ فارم ايڪس کي پاڪستان…

Read More

پاڪستاني اداڪارا يشما گل شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. يشما گل انسٽاگرام تي سعودي عرب جي هڪ خبر جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي شادي ڪرڻ جو وقت آهي. ان خبر موجب سعودي حڪومت مڪي پاڪ ۽ مديني شريف ۾ نڪاح ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي يشما خوشي جو اظهار ڪيو. يشما گل جي انسٽا اسٽوري کانپوءِ مداحن سندس فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي نيڪ خواهشون پڻ ظاهر ڪيون.

Read More

بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ سندس اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو جي فلم ” لاپتا ليڊيز “ فلمي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ ”آسڪرز“ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي آهي. دي اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز 97 هين آسڪرز لاءِ 10 ڪيٽيگريز جون شارٽ لسٽون جاري ڪيون آهن. جاري ڪيل شارٽ لسٽ ۾ بهترين پرڏيهي ٻوليءَ وارين فلمن جي ڪيٽيگري ۾ ” لاپتا ليڊيز “ شامل نه آهي. ڀارتي اخبار دي انڊين ايڪسپريس موجب، فلم فيڊريشن آف انڊيا ( ايف ايف آءِ ) هلندڙ سال سپٽيمبر ۾ ” لاپتا ليڊيز “ کي آسڪرز لاءِ…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار چاهت فتح علي خان بولڊ ماڊلز سان ”بدوبدي ٽو“ رليز ڪري ڇڏيو. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ چاهت فتح علي خان کي بولڊ ماڊلز سان ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. انسٽا وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته نئين سال جي خصوصي پيشڪس، چاهت فتح علي خان پنهنجي مداحن لاءِ نئين ماڊلز سان گڏ پنهنجو نئون گانو ”بدو بدي ٽو“ رليز ڪري ڇڏيو آهي.

Read More

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ون ڊي فارميٽ جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رينڪنگ موجب، اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ بادشاهي برقرار آهي جڏهن ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي تنزلي ٿي آهي. بيٽرز جي رينڪنگ ۾ بابر اعظم 795 ريٽنگ پوائنٽ سان پهرين پوزيشن تي قابض آهي، هن کانسواءِ ڪو به پاڪستاني ٽاپ ڏهن بيٽرز جي فهرست ۾ شامل نه آهي. ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ٻه سينچريون ٺاهيندڙ اوپنر صائم ايوب وڏو ٽپو ڏيندي 57 هين کان 24…

Read More

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ليجنڊري يونس خان چيو آهي ته فرنچائز ڪرڪيٽ ذريعي بورڊ کي مالي سپورٽ ملي ٿي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته اڄ جي دور ۾ لوڪل ٽورنامينٽ ڪرائڻ سولو ناهي، نوَ سال اسان ملڪ کان ٻاهر ڪرڪيٽ کيڏي، اسد شفيق ۽ اظهر علي گهڻي قدر ڪرڪيٽ ٻاهر کيڏي. يونس خان چيو ته سندس خواهش آهي ته پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ بحال ٿئي، سدائين پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڀارت خلاف کيڏي اوهان پليئر بڻجي سگهو ٿا. هن چيو ته فخر زمان کي ٽيم ۾ ضرور هئڻ گهرجي، فخر ۽ صائم گڏ…

Read More

سج جي روشني، کير ۽ مڇي جي استعمال سان وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي. ماهرن موجب وٽامن ڊي جي کوٽ سان هڏن جي ڪمزوري ۽ جسم ۾ سور ٿئي ٿو، مدافعتي قوت ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب سج جي روشني نه کائڻ ۽ متوازن غذا استعمال نه ڪرڻ آهي، سج جي روشني، کير ۽ مڇي جي استعمال سان وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.

Read More