Author: Sindh Dharti

قومي ٽيم جو اسٽار بيٽر بابر اعظم فارم ۾ اچي ويو، هن ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ لڳاتار 3 ففٽيون اسڪور ڪري ورتيون. بابر اعظم جي پرفارمنس وڏي عرصي کان خراب هئي، جنهن سبب مٿس تنقيد ڪئي پئي وئي ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز دوران کيس پليئنگ اليون مان ڊراپ پڻ ڪيو ويو هو پر ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز ۾ بابر اعظم جي بيٽ وري هلي پئي. بابر اعظم ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪئي، ان کانپوءِ ڪيپ ٽائون ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ پڻ ففٽي اسڪور ڪئي آهي.…

Read More

ناليواري اداڪار سونو سود پنهنجي تازي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان کيس شراب پيئارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سونو سود پنهنجي فٽنيس ۽ صحتمند زندگي جي حوالي سان به مشهور آهي، سندس موجب مان ڪڏهن شراب ناهي پيتو، ڇو ته مان ان کي پسند ناهيان ڪندو. هڪ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته فلم ”دبنگ“ ۾ ساٿي ادڪار بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان منهنجي شربت ۾ شراب ملائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر مان اهو شربت نه پيتو. سونو سود چيو ته مان شراب کان پري رهندو آهيان پر ساٿي اداڪار مون کي شراب پيئارڻ جي…

Read More

اسرائيلي فوج جا هٿين خالي فلسطينين مٿان وحشياڻا حملا جاري آهي، غزه تي 30 کان وڌيڪ هوائي حملن ۾ 77 ڄڻا شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا. عرب ميديا جي رپورٽ موجب، اسرائيل اتر غزه ۾ دهشتگردي سبب وڌيڪ 27 ڄڻا شهيد ٿي ويا . عرب ميڊيا موج، غزه سٽي جي شيخ رضوان تي محلي تي هوائي حملن ۾4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. رپورٽن موجب اسرائيلي هوائي حملن کانپوءِ انڊونيشيا اسپتال مڪمل طور تي غير فعال ٿي وئي جڏهن ته اتر غزه ۾ ڪمال عدوان ۽ بيت الحنون اسپتال پهريان ئي بند ٿي چڪيون آهن. عرب ميڊيا جي…

Read More

پنجاب جي ميداني علائقن ۾ اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ آهي، نظر جي حد گھٽجڻ سبب موٽر وي ايم ٽو سميت ٻين موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. موٽر وي پوليس ترجمان موجب، سخت ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم ٽو 11 لاهور کان سمبڙيال تائين، موٽر وي ايم ٽو لاهور کان ڪوٽ تائين ۽ موٽر وي ايم 3 فيض پور کان سمندري تائين بند ڪيو آهي. ترجمان موٽر وي پوليس طرفان ڊرائيورن ڪوهيڙي ۾ فوگ لائٽن جو استعمال يقيني بڻائڻ، آڏو ويندڙ گاڏين کان مناسب فاصلو رکڻ ۽ تيزي سان لائين تبديل نه ڪرڻ جي…

Read More

پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اتحادي حڪومتي جماعت ن ليگ کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جي ميار ڏيندي حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيا مري ميري ٽائم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي قيام جي منظوري جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت مسلسل اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي، جن تي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، پاڪستان ميري ٽائم ايند سي پورٽ اٿارٽي جي قيام تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، شايد ن ليگ کي ان ڳالهه جو اندازو ناهي. هن چيو ته اٿارٽي جي قيام تي فيصلي کان…

Read More

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان روڪي. ڪشميرين جي حق خوداراديت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پنج جنوري 1949ع تي ڪشميرين جي حق خوداراديت جو ٺهراءُ منظور ٿيو هو، ڀارت ستن ڏهاڪن کان ڪشميري عوام جي حق کان محروم رکيو آهي. سندن چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي ڍانچي کي تبديل ڪري رهيو آهي، عالمي برادري ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جي ذميوار آهي. صدر آصف علي زرداري چيو…

Read More

اڳوڻي وزيراعظم ۽ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 97 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن. پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد وجهندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928 تي لاڙڪاڻي ۾ اک کولي. ذوالفقار علي ڀٽو 1971 کان 1937 تائين پاڪستان جو صدر به رهيو جڏهن ته کيس ملڪ جو پهريو چونڊيل وزيراعظم هجڻ جو  اعزاز به حاصل آهي. پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي پيڙهه جو بنياد رکڻ ۽ پاڪستان ۾ پهرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪرائڻ جو اعزاز به ذوالفقار علي ڀٽو کي حاصل آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي…

Read More

راولپنڊي : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويو. عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٿيندي يا نه؟ ان حوالي سان احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا کي سڀاڻي فيصلو ٻڌائڻو هو. عدالت فيصلو 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو هو، اڳ ۾ فيصلي جي تاريخ 23 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي پر اها ملتوي ڪندي نئين تاريخ 6 جنوري مقرر ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب ريفرنس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ فيصلو…

Read More

اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان نئين مانيٽري پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو  گهٽتائي ڪئي ويئ آهي، جنهن بعد وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 20 ڏهائي 5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب مهانگائي ۾ گهٽتائي سبب وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. مرڪزي بئنڪ چيو ته جي ڊي پي جي ترقي 2 ڏهائي 4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، آءِ ايم ايف پروگرام ملڻ سان معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اسٽيٽ بئنڪ…

Read More

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر پاليسي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. قرض جي رقم موسمياتي تبديلي ۽ آفتن جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته قرض جي رقم ڪلائمٽ اينڊ ڊزاسٽر رزيلئنس انهاسمنٽ  پروگرام تحت منظور ڪئي وئي آهي. اي ڊي بي موجب پاڪستان ۾ آفتن جي واقعن سبب ٿيندڙ ايوريج نقصان 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب عورتن ۽ ٻيا ڪمزور گروهه موسمياتي تبديلين ۽ آفتن جي واقعن سبب وڌيڪ متاثر ٿين ٿا.

Read More