Author: Sindh Dharti

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد زين شاهه سان جماعت اسلاميءَ جي سينئر اڳواڻ اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۽ سنڌ جي  سياسي صورتحال تي ڳالهايو ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ بدامني، سنڌوءَ  جي پاڻي تي ڌاڙي۽ زمينن جي بندر بانٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هنن سنڌ ۾ تسلسل سان قائم پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي ان عمل تي مجرماڻي ڪردار کي  سنڌ دشمني قرار ڏنو.ملاقات دوران سنڌ حڪومت پاران عمرڪوٽ ضلعي ۾ 14,800 ايڪڙ زمين ۽ ان جي استعمال لاءِ پاڻي ڪمپني سرڪار کي ڏيڻ جي سخت…

Read More

ڪوئيٽا ۾ امن امان کي نظر ۾ رکندي ٻن ڏينهن لاءِ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي ويئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آچر جي رات بند ڪيل موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس اڱارو 7 جوري جي رات 12 وڳي بحال ڪئي ويندي. واضح رهي ته جي يو آءِ بلوچستان ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. جي يو آءِ بلوچستان جي امير مولانا عبدالواسع جو چوڻ آهي ته جيستائين حق نه ملند،ا احتجاج جاري رهندو

Read More

جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان جي سنڌ جي سياست کي نظر لڳي وئي آهي،هڪ پاسي قوم پرست ڌريون پاڻ ۾ دست گريبان نظر اچي رهيون آهن ،سنڌ  جو امن تباهه تباهه لڳو پيو آهي،ماڻهو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهي ته ٻئي پاسي عوام لاءِ سياست ڪندڙ،عوام جي جان مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ سياست ڪندڙ ماڻهو هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهي ويٺا آهن،گهوٽڪي ۾ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اهو مناسب عمل ناهي،8فيبروري جي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي لاش کنيا، 20 جنوري تي ان…

Read More

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ بک، بدحالي ۽ بدامني ۾ گهيريل آهي، سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين. ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ۾ ”جشن لطيف“ جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي، اقليتي برادري، عورتون ۽ ٻارڙيون محفوظ ناهن، ڪراچي جي ڪچي آبادين ۽ ڳوٺن ۾ غريبن وٽ ٻن ويلن جي ماني لاءِ پيسا ناهن. هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو، ان تي قائم…

Read More

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي جا مسئلا گهڻي حد تائين حل ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ ايمرجنسي سروس 1122 جي هاءِ وي آپريشنز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ريسڪيو 1122 هنگامي خدمتون انجام ڏيندي آهي ۽ جنهن هڪ انسان جي حياتي بچائي ان سڄي انسانيت کي بچايو. هن چيو ته قدرتي آفتن سميت ٻين حادثن ۾ ريسڪيو جو اهم ڪردار آهي، ريسڪيو عملو ئي ان پروگرام کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿو، ان سروس سان ماڻهن جون ڏکيائيون گهٽجنديون. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام جي…

Read More

صدر آصف علي زرداري زخمي قومي ڪرڪيٽر صائم ايوب سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کانئس خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر نوجوان ڪرڪيٽر جي شاندار ڪارڪردگي کي به ساراهيو، صائم ايوب رابطو ڪرڻ تي آصف علي زرداري جا ٿورا مڃيا. نوجوان ڪرڪيٽر صحتياب ٿي پاڪستان لاءِ شاندار ڪارڪردگي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، فون تي آصف زرداري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته اوپننگ بيٽر صائم ايوب انجري سبب 6 هفتن لاءِ ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ علاج لاءِ کيس لنڊن موڪلڻ جو…

Read More

ڪڪڙ جي گوشت کي پَر لڳي ويا ۽ في ڪلو گوشت 300 رپين تائين مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 800 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو. ڪراچي، پشاور، راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت 300 رپين تائين وڌي وئي آهي، کراچي ۾ ڪڪڙ جو گوشت 740 کان 800 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. ڪراچي ۾ هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 300 رپيا في ڪلو جو اضافو ٿيو آهي، جتي ڪڪڙ جو گوشت 740 کان 800 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي. جيئري ڪڪڙ جي سرڪاري قيمت 410 رپيا…

Read More

پاسپورٽ ٺهرائيندڙن ۽ تجديد ڪرائيندڙن لاءِ وڏي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي ٻن نادرا ميگا سينٽرن ۾ پاسپورٽ آفيسون قائم ڪيون پيون وڃن. ڪراچي ۾ نادرا ميگا سينٽر فائيو اسٽار چورنگي ۽ نادرا ميگا سينٽر سيمنس چورنگي (سائٽ) ۾ شهرين کي پاسپورٽ جون سهولتون ڏنيون وينديون. شهر ۾ متبادل پاسپورٽ سينٽرن جو قيام مرڪزي پاسپورٽ آفيس تي رش گهٽائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قريشي جي ڪراچي دوري جي موقعي تي نادرا سينٽرن ۾ پاسپورٽ آفيسون قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو. ذريعن موجب ڪراچي سميت سڄي پاڪستان جي…

Read More

ويب سيريز ”هيرا منڊي“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سنجيده شيخ جو چوڻ آهي ته زندگي ۾ اهڙو شخص ڳولڻ گهرجي، جيڪو سڪون ڏئي سگهي. هڪ انٽرويو ۾ سنجيده شيخ چيو ته منهنجو ذاتي طور تي خيال آهي ته اڄ به پيار ڪرڻ ڏکيو ناهي، منهنجي خيال ۾ محبت هڪ خوبصورت احساس آهي، هڪ اهڙي شخص جي ڳولا ڪئي وڃي، جيڪو توهان جي روح کي پرسڪون ڪري سگهي. واضح رهي ته سنجيده شيخ 2020 ۾ مڙس عامر علي کان طلاق ورتي هئي، جنهن کانپوءِ مٿس تنقيد ڪئي ويندي آهي. اداڪارا موجب سڀني جي زندگي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو آهي،…

Read More