Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
Author: Sindh Dharti
گاڏين جا پرڪشش نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب آءِ ٽي بورڊ جي ايڪسائز کاتي سان ڀائيواري سان واضح ڪيل اي آڪشن ايپ ۽ ويب پورٽل تي جنوري مهيني دوران خواهشمند ماڻهن جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي. خواهشمند ماڻهو 30 جنوري تائين اي آڪشن لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. اي آڪشن ايپ ۾ موٽر سائيڪل ۽ موٽر ڪار جي نمبرن جي نيلامي شامل آهي ۽ ٻولي کٽيندڙن جا تفصيل به اي آڪسن ايپ تي ڏسي سگهبا. ان حوالي سان پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي چيئرمين فيصل يوسف چيو ته اي آڪشن نظام ذريعي نه رڳو شفافيت کي يقيني بڻايو…
جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي فارم 47 جي جعلي حڪومت آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ توهان تي گولي هلي ته سوال اٿيو، توهان هلائي ته ڪجهه نه، مڪاني نمائندن تي تشدد ٿيو ته اهو تشدد ناهي؟ هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جي رستي ۾ رڳو جمعيت اڪيلي بيٺي هئي، تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ هئي پر ڳالهين ۾ شريڪ نه ٿي، پي ٽي آءِ وارا جيڪا به نشاندهي ڪندا هئا اسان ان…
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پ پ پ ۽ نواز ليگ گڏجي نه صرف سنڌين کان سندن جياپي جو ذريعو سنڌو درياهه کسي رهيا آهن پر سنڌ جي زمينن تي والار ڪري سنڌين کان سندن ڌرتي به کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو دوست ۽ دشمن کي سڃاڻو پوندو. جيڪڏهن سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ حدن لاءِ نه جاڳيا ته سنڌ فلسطين بڻجي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي رب پاڪ سمورين نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي پر وفاق پرست جاگيردار دوست…
ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته هو حڪمران جماعت لبرل پارٽي طرفان نئون سربراهه چونڊڻ کانپوءِ عهدو ڇڏي ڏيندو، جيڪڏهن پارٽي جا اندروني اختلاف هجن ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ بهترين چونڊ نه ٿي سگهندو. 53 ورهين جي جسٽس ٽروڊو 2015 ۾ ڪينيڊا جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ۽ ان کانپوءِ به مسلسل ٻه چونڊون کٽي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين متبادل جي چونڊ نٿي ٿي وڃي تيستائين پارٽي سربراهه ۽ وزيراعظم طور پنهنجي عهدي تي ڪم ڪندو رهندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ضمانت منظوري جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف توشا خانا ٽو ڪيس کي وڌيڪ انڪوائري جو ڪيس قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سببن تي ٻڌل 14 صفحن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو . اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته بلغاري سيٽ جو تحفو توشا خانا ۾ جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ٺهي ئي نٿي، رولز موجب، تحفي جي رسيد جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته تحفو…
ڏکڻ آفريقا ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريقا پاڪستان طرفان مليل 58 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي اٺين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، ڊيوڊ بيڊنگهم 44 ۽ ايڊن مارڪرم 13 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ ٻي اننگز ۾ پاڪستان ٽيم 478 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ پروٽيز کي ڪاميابي لاءِ 58 رنسن جو هدف مليو. پاڪستان طرفان ڪپتان شان مسعود 145، بابر اعظم 81، سلمان آغا 48، محمد رضوان 41، عامر جمال 34، ڪامران غلام 28، خرم شهزاد 18،…
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪچين آبادين بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کان ڪچين آبادين بابت پاليسي رپورٽ ٻن هفتن ۾ طلب ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪچين آبادين کي ريگوليٽ ڪرڻ جو اختيار صوبن ۽ لوڪل گورنمينٽ جو آهي، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل چيو ته صوبائي اختيار تي وفاقي حڪومت ڪهڙي قانون سازي ڪري سگهي ٿي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پهريان اهو ٻڌايو وڃي ته ڪچين آبادين جو مطلب ڇا آهي، بلوچستان ۾ ته سڀئي گهر ڪچا آهن. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته قبضا گروپ ندي نالن جي ڪنارن تي ڪچيون آباديون ٺاهيندا…
سن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ سندس ساٿين طرفان جسقم جي تنظيمي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي جسقم بشير خان قريشي گروپ جي نيشنل ڪانگريس جو اهم اجلاس سن ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪنن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ غور ويچار کان پوءِ تنظيم جي آئين تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ تنظيمي ڍانچي کي منظم ڪرڻ لاءِ اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان 6 مهينن لاءِ چيف آرگنائزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڊپٽي چيف آرگنائزر سرفرار ميمڻ ۽ فقير امداد علي منگي جڏهن ته پنهل ساريو، اڪبر مڪول، نجف لغاري ۽…
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماضي ۾ ڀٽو کي ڦاهي نه پر پاڪستان جي مستقبل کي ڦاهي ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀٽو جي سالگرهه تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هن ٺهراءَ تي جيترو ڳالهائجي گهٽ آهي، اڄ پاڪستان وٽ جيڪو آئين ۽ قانون آهي، اهو ڀٽو جي ڪري آهي. هن چيو ته آئين پاڪستان کي بدلائڻ ۽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فوجي آمرن جن سياستدانن کي اسان تي مڙهيو، انهن به آئين ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان ۾…
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته شاگرد ڪنهن جي ڏٽي ۾ نه اچو، سياسي پسند نا پسند بُري ڳالهه ناهي بس رڳو ٻين جي عزت ڪريو. بهاوالدين ذڪريا يونيورسٽي ۾ هونهار شاگرد اسڪالرشپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز جو چوڻ هوته اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ سندن والدين کي واڌايون پيش ڪيان ٿي، اڄ شاگردن کي وزيراعليٰ طور نه هڪ مان طور مخاطب آهيان. سندس چوڻ هو ته هن کي خبر آهي ته اڄڪلهه تعليم مهانگي آهي، خرچ تمام گهڻا آهن، ٻار پيار ۾ منهنجو شڪريو ادا ڪري رهيا آهن، منهنجا ٿورا…