Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
Author: Sindh Dharti
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان ڳالهيون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان اسان پارٽي اڳواڻن بئريسٽر گوهر، علي ظفر ۽ شير افضل ملاقات ڪئي. عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي ءِ باني ڳالهيون جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني ٻئي مطالبا لکت ۾ حڪومت ڪميٽي کي ڏيڻ جي اجازت ڏني آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي ڪيس ۾ جسٽس مسرت هلالي چيو ته سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل رڳو اي پي ايس جهڙن ڏوهارين تي ٽرائل لاءِ هو، ڇا سڀني سويلينز سان اهڙو ورتاءُ ڪري سگهجي ٿو؟ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزارت وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرٽيڪل 233 بنيادي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته…
وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جا سڀ رڪارڊ ٽٽي وي، نگران حڪومت جي دور کي ملائي گذريل اڍائي سالن دوران مستقل سرچارج گڏائي بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ واڌ 25 رپيا 76 پئسا ٺهي ٿي. شهباز شريف جي وزيراعظم هوندي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جا تفصيل سامهون اچي ويا. شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 22 رپيا 53 پئسا تائين جي تاريخي واڌ ٿي، جڏهن ته بجلي واهپيدارن تي في يونٽ 3 رپيا 23 پئسا جو مستقل سرچارج الڳ لاڳو ڪيو ويو. ائين مستقل…
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن هلندڙ مهيني ٻه ارب ڊالر رول اوور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات فائديمند رهي ۽ سيڙپڪاري بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، گڏيل عرب امارتن هلندڙ مهيني 2 ارب ڊالر رول اوور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته جيستائين بجلي سستي نه ٿيندي ترقي نه ڪري سگهنداسين، بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جا ٻه ٽي آپشن آهن، هلندڙ هفتي هڪ ٻي گڏجاڻي ڪري آپشنز…
خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ 19 خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 6 ۽ 7 جنوري تي خيبر پختونخواهه ۾ ٽن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 19 خارجين کي ماريو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته خارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان پشاور ضلعي جي علائقي متني ۾ آپريشن ڪيو ويو ۽ ان دوران سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻي تي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا. هوڏانهن مهمند ضلعي جي شهري علائقي بائيزئي ۾ به سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ۽ 8…
پاڪستاني اداڪار گور رشيد ۽ اداڪارا ڪبريٰ خان جي شادي جون تياريون شروع ٿيڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. سوشل ميڊيا پيجز تي ٻنهي جي شادي جي تيارين جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ٻنهي اداڪارن جي شادي جي دعويٰ گوهر رشيد جي انسٽاگرام جي هڪ وڊيو پوسٽ کانپوءِ سامهون آيا آهن. وڊيو پوسٽ ڪندي گوهر رشيد بسم الله 2025 لکيو آهي، وڊيو ۾ شازيا وجاهت، وجاهت رئوف ۽ ان جا ٻيا دوست به موجود آهن. جنهن کانپوءِ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهي شادي جون تياريون ڪري رهيا آهن، شادي ڪراچي ۾ ڌوم ڌام سان ڪئي ويندي…
رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڪجهه مهينا بچيا آهن ۽ هر سال مسلمان رمضان المبارڪ جي آمد جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن. فلڪياتي ماهر رمضان ۽ عيدالفطر جي امڪاني تاريخن جي اڳڪٿي ڪندا آهن، هن ڀيري به فلڪياتي ماهرن طرفان رمضان ۽ شوال جي چنڊ جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن. فلڪياتي ماهرن موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال رمضان المبارڪ جو چنڊ 28 فيبروري (جمعو) يا وري پهرين مارچ (ڇنڇر) تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، رمضان مهيني جي شروعات پهرين مارچ (ڇنڇر) يا ٻي مارچ (آچر) کان ٿيڻ جو امڪان آهي. فلڪياتي ماهرن عيدالفطر جو…
سنڌ حڪومت سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪندڙن ۽ انهن جي غير مجاز استعمال تي ڪيس داخل ٿيندو.
حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو. حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف طرفان لکت ۾ چارٽر آف ڊمانڊ پيش نه ڪرڻ ڊيڊ لاڪ جو سبب بڻيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق به ٻنهي ڌرين جي ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس طلب نه ڪيو. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ تحريڪ انصاف جي ڪميٽي چارٽر آف ڊمانڊ جو فيصلو ڪندي. حڪومت به لکت ۾ چارٽر آف ڊمانڊ کانسواءِ اڳتي وڌڻ کان پاسو ڪرڻ…
فيصل آباد جي علائقي تاندليانوالا ۾ هٿياربندن ٿاڻي ۾ گهڙي قيد مخالفن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب هٿياربندن صدر ٿاڻي ۾ قيد مخالفن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته 3 جوابدار قتل ڪيس ۾ گرفتار هئا، ذريعن موجب واقعي ۾ مارجي ويل ٽئي جوابدار ڀائر هئا، جڏهن ته زخمي ٿيندڙ سندن ڪزن آهي. سي پي او فيصل آباد ڪامران عادل واقعي جو نوٽيس وٺندي ٿاڻي جي سيڪيورٽي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.…