Author: Sindh Dharti

لاس اينجلس ۾ لڳل باهه بي قابو ٿي وئي آهي، جنهن سبب 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي چڪا آهن ۽ اربين ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۽ ان جي ڀرواري علائقن ۾ موجود ٻيلن ۾ لڳل باهه پکڙجي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 50 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. تيز هوائن سبب ان باهه کي ڪيترن ئي ايڪڙن تائين پکيڙي ڇڏيو آهي. هن وقت تائين 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. هڪ هزار کان وڌيڪ گهر…

Read More

نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي پروفيسر جيفري ساڪس جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جيڪا ڪجهه ئي لمحن ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.هن وڊيو ۾ پروفيسر جيفري ساڪس بارڪ اوباما جي دور ۾ آمريڪا ۾ ٺاهيل پرڏيهي پاليسي ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي به تنقيد ڪري رهيو آهي.هن تنقيد ڪندي چيو ته شام ​​۾ روس جي مداخلت کان چار سال اڳ اوباما انتظاميا سي آءِ اي کي حڪم ڏنو هو ته بشار الاسد جو تختو اونڌو ڪيو وڃي.وڊيو ۾ پروفيسر جيفري ساڪس چيو ته…

Read More

قومي ايئر لائن جو يورپ لاءِ فلائيٽ آپريشن ساڍن چئن ورهين بعد بحال ٿي ويو. قومي ايئر لائن جي اُڏام پي ڪي 749 پئرس لاءِ رواني ٿي وئي، پئرس وڃڻ واري قومي ايئر لائن جي اُڏام ۾ 323 مسافر سوار آهن، يورپ لاءِ قومي ايئر لائن جو فلائيٽ آپريشن ساڍا 4 سال بعد بحال ٿيو آهي. ساڍن 4 سال بعد يورپ لاءِ آپريشن بحال ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو ته قومي ايئر لائين جا منافعي بخش روٽس بند ٿي ويا هئا، اسان چاهيون ٿا ته قومي ايئر لائين کي خانگايو وڃي. هن چيو…

Read More

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، واپارين، صنعتڪارن ۽ سڀني ڪاروباري ماڻهن  جي اھميت کي سمجھن ٿا، ملڪي معيشت جو هڪ وڏو حصو واپارين ۽ صنعتڪارن جو آهي، واپاري ۽ صنعتڪار سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندا آهن، ڪراچي ۾ ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز پاران ڏنل مانجھاندي جي موقعي تي ڳالهائيندي هن  چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون واپارين لاءِ هڪ سونهري موقعو…

Read More

ڪنڌڪوٽ  جي جامع دارالفيوض مدرسا ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس جلسو ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر حافظ عطاءُالرحمان،جي يو آءِ سنڌ جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو،صوبائي امير عبدالقيوم هاليجوي،ضلعي اڳواڻ مفتي غلام الله نوناري،مولوي شمس الدين ڀيري،قاري شفيع محمد کوسو،مولوي عبدالعزيز سميجو،حافظ عرفان الله کوسو،مولوي عرفان علي کوسوپڻ جلسي کي خطاب ڪيو.راشد محمود سومرو جلسي ۽ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امن و امان جي خرابي ۾ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا چونڊيل نمائندا ملوث آهن.ضلعي جا چونڊيل نمائندا چاهين ته ضلعي جو امن و امان بحال ٿيندو.ڪنڌڪوٽ جو امن و امان ايترو ته خراب آ جو مغرب کان بعد…

Read More

ڌاٻيجي لڳ روڊ حادثي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. قومي شاهراھ تي ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ  ڪار کي مڪمل طو  باهه وڪوڙي ويئي جنهن ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي  ويا آهن جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي ڪراچي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. فوتين جي  سڃاڻپ ٺٽي واسي شاهزين هڱورو سندس زال ياسمين ۽ 2 ڄڻن جي ڪراچي واسي امتياز ۽ اظهارالحسن ڪراچي واسي تي  طور تي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ته زخمين ۾ موسيٰ ،سرور ڀٽي هڪ…

Read More

حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميا قاسم آباد جي واڌو واهه تان حددخليون ڄاڻائي ڪيترائي گهر، دڪان، واڙا ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ڪارروائي دوران بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سخت  احتجاج ڪندي انتظاميا کي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران رهواسين جي پوليس، انتظاميا جي عملدارن ۽ انڪروچمينٽ عملي سان سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. عملي مٿان پٿراءُ ٿيو، جڏهن ته پوليس ماڻهن ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جي لاءِ هوائي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي. پٿراءُ ۾ هڪ ڊي ايس پي سميت 10 اهلڪار ۽ عملي جا ماڻهو زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه رهواسين…

Read More

ڪراچي  ملير ايڪسپريس وي جو 9 ڪلو ميٽرن جو پهريون فيز مڪمل ٿيڻ تي ان کي ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ ملير ايڪسپريس وي جو 9 ڪلو ميٽرن جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويو، بلاول ڀٽو زرداري 11 جنوري تي افتتاح ڪندو. ان حوالي سان مرتضيٰ وهاب چيو ته ملير ايڪسپريس وي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جو نالو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ايڪسپريس وي تي هيوي ٽريفڪ ۽ عام ٽريفڪ جي اجازت هوندي پر موٽر سائيڪل ۽ رڪشا کي اجازت نه هوندي. هن چيو…

Read More

ڪراچي گئس پريشر وڌائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندڙ مشين ڦاٽڻ سان گهر ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت زخمي ٿي پئي. ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ڀٽائي ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ گيس ليڪيج سان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت زخمي ٿي پئي. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته حادثو گيس ڇڪيندڙ مشين ڦاٽڻ سان پيش آيو، زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گيس پريشر گهٽجڻ سبب ماڻهو گهرن ۾ ڪمپريسر لڳائيندا آهن، جيڪو خطرناڪ آهي ۽ ان سبب ڪيترائي حادثا پيش ايندا آهن.

Read More

سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي جلد اي وي ٽيڪسي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ حڪومت بيروزگار نوجوانن لاءِ ماحول دوست اي وي ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي مختلف بينڪن سان رابطن ۽ مختلف مالياتي ماڊل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي ۾ اي وي ٽيڪسي اسمبل ڪندڙ ڪمپني جي اختيارين، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ڪمپني اختيارين سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ماحول دوست اي پي ٽيڪسي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ…

Read More