Author: Sindh Dharti

ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ مسلسل ٽئين ڏينهن سون جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون چار سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک ٻياسي هزار ڇهه سئو رپين جو ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 342 رپيا واڌ سان 2 لک 42 هزار 283 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو اهي. ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ٻه ڊالر چاڙهه بعد 2705 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

Read More

ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پنج خوارج مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڏهه جنوري تي سيڪيورٽي فورسز خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڊي آءِ خان ضلعي جي علائقي مدي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوراج جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ خوراج جي اهم ليڊر شفيع الله شفيح سميت پنج دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولابارود هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين سميت معصوم شهرين جي ٽارگيٽ…

Read More

پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ ڪو رستو ناهي بچيو، اسان پنهنجا ڪيس عالمي سطح تي کڻي وينداسين. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويا، سپريم ڪورٽ وياسين، ڪو به اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اسان وٽ ڪو رستو ناهي بچيو، اسان پنهنجا ڪيس عالمي سطح تي کڻي وينداسين، پاڪستان گڏيل قومن جو سگنيٽري آهي، اسان سڀني عالمي ادارن ڏانهن وينداسين. عليمه خان چيو ته اڄ اسان کي اندر وڃڻ کان روڪيو ويو،…

Read More

اڄوڪي جديد دور ۾ روبوٽ هاڻي سائنس فڪشن جو حصو ناهن رهيا. مينوفيڪچرنگ ۽ صحت کان وٺي، تربيت نقل ڪرڻ ۽ تعليم تائين، روبوٽ تيزي سان اسان جي روزمره جي زندگي جو هڪ لازمي حصو بڻجي رهيا آهن. تازو چين هڪ انقلابي AI سان وارو ڪروي پوليس روبوٽ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو خود ڪار آپريشن جي قابل آهي. RT-G نالي هي ڪروي روبوٽ ’لوگون ٽيڪنالوجي‘ نالي هڪ روبوٽڪ ڪمپني پاران ٺاهيو ويو آهي. نگراني ٺهيل اولهه ماڊلز جي مقابلي ۾ هي چيني روبوٽ شڪي ماڻهن کي ڳولڻ ۽ انهن کي پڪڙڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته RT-G روبوٽ شهر جي…

Read More

سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا فوجي آفيسر کي ايترو تجربو ۽ عبور هوندو آهي جو موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي؟ عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ رڳو فوج تي لاڳو ٿيندو آهي، فوجي آفيسرن کي بنيادي حق ۽ انصاف ملندو آهي يا نه اسان…

Read More

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سيڪريٽر جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ پارٽي اڳواڻ شير افضل مروت وچ ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي، ٻنهي اڳواڻن طرفان هڪٻئي تي تنقيد ڪئي وئي. سلمان اڪرم راجا هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته شير افضل مروت روز اهڙو بيان ڏيندو آهي جنهن جو پارٽي سان ڪو تعلق ناهي هوندو. هن چيو ته شير افضل مروت کي پارٽي پاليسي جو شعور ناهي، جڏهن ٽي وي چينل وارا سڏائيندا آهن ته کيس ڪجهه نه ڪجهه چوڻو پوندو آهي ۽ اهو چئي ڏيندو آهي. ٻئي پاسي سلمان اڪرم جي بيان تي شير افضل…

Read More

سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم روايتي تعليمي نظام وانگر پڙھائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جو چوڻ آهي ته اهو قدم ٽيڪنيڪي ۽ ھنري مهارت سيکارڻ توڙي روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ”مڊل ٽيڪ انيشيٽو“تحت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم کي روايتي تعليم جو حصو بڻائڻ جي سلسلي ۾ سي ايم ايس گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ڪراچي ۾ تقريب ٿي. تقريب ۾ تعليم واري وزير سردار علي شاهه، اڳوڻي تعليم واري وقتي وزير رعنا حسين، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد علي عباسي، جائيڪا جي چيف ايڊوائيزر، چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽربينڪ ۾ پاڪستاني رپئي ڀيٽ ۾آمريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربينڪ ۾ اڄ ڊالر 278 رپيا 58 پئسن تي بند ٿيو، اڄ ڊالر 3 پيسا سستو ٿيو. انٽربينڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 278 رپيا 61 پيسن تي بند ٿيو هو.

Read More

فيبروري 2025 پاڪستان سميت سموري دنيا جي ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ دلچسپ ۽ جذباتي لمحن سان ڀرپور هوندو، جتي ڪرڪيٽ جا عالمي ستارا چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي ٽيمون فيبروري جي پهرئين هفتي کان پاڪستان پهچنديون، جڏهن ته ٽورنامينٽ جون وارم اَپ ميچون 12 کان 18 فيبروري تائين کيڏيون وينديون. آءِ سي سي 8 ٽيمن جون پريڪٽس ميچون 12 کان 18 فيبروري تائين ڪرائيندي، ميچون لاهور، ڪراچي، راولپنڊي ۽ دبئي ۾ ٿينديون. ذريعن موجب، ٽه ملڪي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمون فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان پهچي وينديون. آسٽريليا…

Read More

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر اسٽيون فن چيو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ٽو ٽيئر ”ٻن درجن“ ۾ ورهائڻ وارو منصوبو لالچ تي ٻڌل آهي ۽ ڪرڪيٽ جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجندو. رپورٽن موجب، آءِ سي سي سربراهه جئه شاهه ۽ ٻين عالمي ڪرڪيٽ بورڊز سان ملاقات ۾ ٽيسٽ چيمپيئن شپ لاءِ نيون تجويزون پيش ڪندو، جنهن تحت ڪرڪيٽ ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو. هن تجويز موجب، ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ، پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ سري لنڪا پهرين درجي ۾ جڏهن ته ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، افغانستان، زمبابوي ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون ٻئي درجي ۾ شامل هونديون.…

Read More