Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
Author: Sindh Dharti
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اولهندي هوائن جي سسٽم جي تحت ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسمياتي ماهرن ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ 24 جنوري کان ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته جنوريءَ جي آخري هفتي دوران شهر ۾ گرمي پد سنگل ڊجيٽ ۾ وڃي سگهي ٿو. ماهرن موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو اڄ کان ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسمياتي ماهرن موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو 23 جنوري تائين…
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ جي سڀني ٿاڻن جي سڌي ريت مانيٽرنگ جو فيصلو ڪري ورتو. آءِ جي سنڌ هر ٿاڻي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا ۽ ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر جي ڪمرن ۾ به ڪيمرائون لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. غلام نبي ميمڻ چيو ته ڊيوٽي آفيسر جي ڪمري ۽ لاڪ اپ ۾ به ڪيمرائون لڳايون وڃن، سي سي ٽي وي فعال ڪرائي ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
پاڪستان جي شايان آفريدي آءِ ٽي ايف ايشيا 14 ۽ انڊر ڊيولپمينٽ چيمپيئن شپ 2025 کٽي ورتي. پاڪستان جي شايان آفريدي سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ ٿيل آءِ ٽي ايف ايشيا 14 ۽ انڊر ڊيولپمينٽ چيمپيئن شپ 2025 ويڪ-1 ريجنل براءِ ساؤٿ ايسٽ اينڊ ايسٽ ايشيا ڪواليفائيونگ ايونٽ ۾ فتح حاصل ڪئي. فائنل ۾ شايان آفريدي ٽورنامنٽ جي سيڪنڊ سيڊ، سنگاپور جي پاڪ نِڪولس منگ اين کي 6-3، 6-7(3) 6-4 جي اسڪور سان شڪست ڏئي ويڪ-1 لاءِ چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. ٽورنامنٽ جي اضافي نتيجن ۾ راشد علي مردن جي ڪيٽيگري ۾ 32 اميدوارن مان 12 هون…
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ اداڪارا ثناءَ جاويد پنهنجي شاديءَ جون نيون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون. شادي جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي اداڪارا ثناءَ جاويد شاديءَ جي تقريبن جون ڪجهه تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون آهن. اداڪارا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته “ شادي جو هڪ سال مبارڪ هجئي، منهنجي محبت، زندگي اوهان سان انتهائي خوبصورت آهي.“ شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي تصويرن لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪريو ان تصويرن ۾ نڪاح جي تقريب کانسواءِ مهندي جي تقريب جون تصويرون پڻ شامل آهن. پوسٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جوڙي جي شادي…
ڪويتي ڪابينا 27 جنوري سومر جي ڏينهن شبِ معراج جي موقعي تي عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪويتي ڪابينا اهو فيصلو انڪري ڪيو آهي ته جيئن جمعي ۽ ڇنڇر جون هفتيوار موڪلون گڏائي شهرين کي ٽن ڏينهن جون موڪلون ملي سگهن. واضح رهي ته جيتوڻيڪ ڪويت ۾ شبِ معراج باضابطا طور تي سومر 27 جنوري تي آهي، پر اِها موڪل هاڻي خميس تي ڏني ويندي. ڪويتي ڪابينا جو چوڻ آهي ته اِها ترتيب عوام لاءِ مذهبي تقريبون ۽ تهوار ملهائڻ ۾ توازن قائم رکڻ واري حڪومتي عزم جو عڪس آهي. اهڙي نموني ڪويت ۾ شهرين…
190ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو ويو آهي. عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو. فيصلي لاءِ عمران خان کي اڊيالا جيل آندو ويو، جڏهن ته بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽرگوهر به جيل پهتا، ان موقعي تي شعيب…
پاڪستان تحريڪِ انصاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا اڊيالا جيل ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عمران خان کي ڪرپٽ پريڪٽس تي 14 سال ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌئي وئي. عدالت عمران خان تي 10 لک ۽ بشريٰ بي بي تي 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو، جڏهن ته القادر يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم پڻ ڏنو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي…
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني سپريم ڪورٽ جي آئيني فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا. بچاءَ وزارت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته آرمي ايڪٽ ۽ رولز ۾ فيئر ٽرائل جو مڪمل پروسيجر فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته اوهان ملٽري ٽرائل جي ڪهڙي فيصلي سان اتفاق ڪيو ٿا.…
سنڌ ڪابينا 8 هزار اليڪٽرڪ بسون نيشنل انرجي اينڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن کي هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل انرجي اينڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (اين اي ٽي سي) مرحليوار عملدرآمد سان 8000 اليڪٽرڪ بسن جو ٽوٽل هدف تجويز ڪيو آهي، پهرئين مرحلي ۾ 500 بسون، ٻئي مرحلي ۾ 1500 ۽ ٽئين مرحلي ۾ 4 کان 6 هزار بسون هلايون وينديون، هن وقت 50 بسون هلي رهيون آهن، اين اي ٽي سي جي تجويز آهي ته رينٽ ٽو اون ماڊل تي بسون هلايون. ڪابينا ايس ايم ٽي اي ۽…
سيد صبغت ﷲ شاھ راشدي پير پاڳارو پني عاقل جي يوسي روپهر، ٺڪراٺو ۽ شاهپور مهر ۾ دعوتن جي سلسلي ۾ مريدن وٽ دورا، پير پاڳارو ڳوٺ الهرکيو مڱريو ۾ مست سائنلو فقير، خليفي فقير محمد قاسم مهر، ريشم فقير مڱريو ۽ فقير محمد حيات مڱريو وٽ دعوت تي آيو جتي سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن سميت انڊيا جي جيسلمير، ٻاڙ مير ۽ ٻين ضلعن مان وڏي تعداد ۾ مريد ديدار لاءِ پهتا ان موقعي تي پير پاڳاري چيو ته پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏيو خاص ڪري وڌ کان وڌ نياڻيون پڙهايو ڇو ته هڪ نياڻي پڙهي سمجهو…