Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
Author: Sindh Dharti
وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي آمد جي موقعي تي تحريڪ انصاف ميمبرن احتجاج ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي بازار بڻجي ويو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وزيراعظم جي پهچڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ”اووو اووو“ جا آواز به ٻڌڻ ۾ آيا. پي ٽي آءِ ميمبرن جي احتجاج تي ن ليگ ميمبرن طرفان به جوابي نعريبازي ڪئي وئي ۽ ايوان مڇي بازار جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ن ليگ ميمبرن وزيراعظم جي چوڌاري حفاظتي ڀت ٺاهي ڇڏي. اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبرن باني عمران خان جي حق ۾ پلي…
حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو ڪينال جي معاملي تي واضح موقف آهي، اسان جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي، سنڌ جي پاڻي جي ڦرلٽ جي ڪا به گنجائش ناهي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاڻي جي مسئلي تي سنجيده آهن ۽ هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جلد ئي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ گهرجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو به پريس جي آزادي کي فروغ ڏنو، اهڙو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ صحافين جي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماضي…
سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز پاڻي جي معاملي تي پ پ جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته نون ڪينالن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي، هڪ صوبي جي زمين بنجر ٿيڻ جو خدشو آهي، پڇان ٿو ته انهن جي ڪير ڇو نٿو ٻڌي؟ هن چيو ته عالمي اصول آهي ته هيٺئين علائقي کي فائدو ڏنو ويندو آهي، انهن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 90 ڏينهن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي، اميد ته حڪومت مسئلو سي سي آءِ ۾ موڪليندي.
تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر موجب عمران خان چيو آهي ته 7 ڏينهن ۾ ڪميشن نه ٺهي ته چوٿين ميٽنگ نه ٿيندي. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان بيرسٽر گوهر چيو ته عرفان صديقي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جو ترجمان آهي، ان لاءِ مناسب ناهي ته ڳالهين کي دير جو شڪار ڪري، اسان جي جيڪا ملاقات ٿي آهي اها امن امان جي صورتحال تي ٿي آهي ۽ ان ملاقات جو مسئلو نه کڙو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ چاهيون ٿا پر شرط اهو آهي ته جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن…
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو مقصد اسٽيبلشمينٽ تائين پهچڻ هو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي وئي. پارليامينٽ ۾ ايراني هٿياربند فوج جي وفد سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو ڪو مطالبو ٻاهرئين ملڪ مان آيو ته پاڪستان پنهنجي مفادن کي سامهون رکي فيصلو ڪندو، اسان اندروني معاملن تي ڪو ٻاهريون پريشر قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ سان جڏهن ڳالهيون شروع ٿيون ته انهن خلاف ڪيس هلي رهيو هو ۽ شاهديون به اچي چڪيون هيون، انهن پاڻ چيو ته…
سپريم ڪورٽ ۾ بينچن جي اختيار جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ واري معاملي تي جسٽس منصور علي شاهه، ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آئيني بينچن ۽ ريگيولر بينچن جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. وڪيل بئريسٽر صلاح الدين عدالت کي ٻڌايو ته هو ڪراچي مان رڳو هن ڪيس لاءِ آيو آهي پر ڪاز لسٽ جاري ناهي ٿي، عدالت اڄ لاءِ ڪيس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ۾ چيو ته کين…
سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو ٻيهر ڪورونا پکڙجڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ڪورونا هاڻ موسمي زڪام جهڙو آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي حوالي سان خبرن تي عذرا پيچوهو جو اهم بيان اچي ويو. صوبائي وزير ٻيهر ڪورونا پکڙجڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته غلط خبرون پکيڙي پريشاني پيدا نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ماڻهو پريشان نه ٿين، ڪورونا وبا نه پئي پکڙجي، سڄي دنيا مان ڪورونا وائرس ختم ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته زڪام جي مريضن جون احتياطي طور ٽيسٽون ڪرايون ويون، 100…
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز شهر ۾ جنوري جو آخري هفتو ٿڌو رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. چيف ميٽرولاجسٽ موجب ڪراچي ۾ 23 ۽ 24 جنوري دوران گرمي پد سنگل ڊجيٽ ۾ وڃڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته جنوري جو آخري هفتو ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي، ان کانسواءِ فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ به موسم ٿڌي رهندي.
ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي ستيتاليهين صدر جي حيثيت سان ٻئي مدي جي لاءِ ساک کڻي ڇڏي. ساک کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي گهرواري ميلانيا ٽرمپ سان ڪيپيٽل هل پهتو، ساڻس گڏ صدر جو بائيڊن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ ٻئي مدي جي لاءِ آمريڪا جي ستيتاليهين صدر جي حيثيت سان ساک کنئي. آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس صدر ٽرمپ کان قسم کڻايو. آمريڪي صدر کي قسم کڻائڻ کانپوءِ کيس توپن جي سلامي به ڏني وئي. ڊونلڊ ٽرمپ کان اڳ نئين چونڊيل آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس قسم کنيو. آمريڪي صدر…
پوليس ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ 110 گهريلو ملازمائن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، انهن منظم انداز ۾ وارداتون ڪيون هيون. ڪراچي ۾ چوري ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث 110 گهريلو ملازمائن جي فهرست جاري ڪئي وئي. ڪراچي پوليس ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ 110 گهريلو ملازمائن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، فهرست ۾ مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ملازمائن جون تصويرون، موبائل فون نمبر ۽ پتو موجود آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته گهريلو ملازمائن منظم انداز ۾ وارداتون ڪيون هيون، جڏهن ته ڪيترين ئي ملازمائن کي پوليس ويريفڪيشن جي بنا رکيو ويو هو. پوليس شهرين کي درخواست ڪئي آهي ته ڪرمنل رڪارڊ…