Author: Sindh Dharti

ايمريٽس ايئرلائن پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارگو بزنس حب ٺاهڻ لاءِ ايئرپورٽس اٿارٽي سان رابطو ڪيو آهي. رپورٽ موجب ايمريٽس ايئرلائن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارگو ٽرمينل تي 90 هزار اسڪوائر فوٽ جي جاءِ گهري آهي، ڪارگو بزنس جي وڌندڙ طلب کي ڏسندي ايمريٽس به پنهنجو ڪارگو حب ڪراچي ۾ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن وقت ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارگو بزنس ايمريٽس ايئر جو آهي، رڳو ڪراچي مان 2024 دوران سڀ کان وڌيڪ 27 هزار ٽن مٿي ڪارگو ايمريٽس ايئر لائن کنيو. ذريعن موجب ايمريٽس ايئرلائن جي درخواست تي…

Read More

سڪيورٽي فورسز وڏي ڪارروائي ڪندي افغانستان مان هٿيار پاڪستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز 8 جنوري تي غلام خان بارڊر ٽرمينل تي هٿيار سان ڀريل ٽرڪ پنهنجي قبضي ۾ وٺي پرڏيهي هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي. ذريعن ٻڌايو ته ٽرڪ مان جديد طرز جا پرڏيهي هٿيار ۽ ميگزين برآمد ٿيا، جنهن ۾ 26 ايم-16 رائفلونم ايم-4 رائفلن جون 292 ميگزين ۽ 10 هزار کان وڌيڪ گوليون شامل آهن. ذريعن موجب، پڪڙيل هٿيارن ۾ ڪلاشنڪوف جون 9 ميگزين ۽ 244 گوليون ۽ لائيٽ مشين گن جون 744 گوليون به شامل آهن. سڪيورٽي ذريعن…

Read More

بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا پنهنجي نئين فلم ” ڀوت بنگلا“ جي ڪاسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي هڪ تڪرار جي ور چڙهي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ رپورٽ ۾ ساڻس منسوب هڪ بيان وائرل ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ اداڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪوڙي بيان کانپوءِ اداڪارا طرفان نه رڳو وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو، پر هن ميڊيا جي بي بنياد خبرن تي سخت ردعمل ڏيندي معافي جو مطالبو پڻ ڪيو. تبو ۽ سندس ٽيم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ” مختلف ويب سائيٽن ۽ سوشل…

Read More

پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي سنڌ ۾ پاڻي مسئلي کي اجاڳر ڪندي چيو آهي ڪڏهن ڪڏهن ته مڙهه کي غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي ناهي هوندو. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته سنڌو درياهه ۾ هونئن ئي پاڻي گهٽ آهي، ڪينال ته ڪڍيا پيا وڃن پر پاڻي ڪٿان ايندو؟ سنڌ جو پاڻي اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. هن چيو ته پاڻي جو مسئلو اڄ جو ناهي پر شروع کان هلي رهيو آهي، اسان پنهنجو ڪيس گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو آهي، سنڌو مان پاڻي کنيو ويو ته سنڌ سڪي…

Read More

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر چيو آهي ته هو افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ کي ” صحيح طريقو “نه ٿو سمجهي. ڀارت خلاف پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کان اڳ ڪولڪتا ۾ پريس ڪانفرنس دوران جوز بٽلر چيو ته هن ۽ سندس ٽيم ” ماهرن “ سان مشاورت ڪئي آهي، افغانستان خلاف چيمپيئنز ٽرافي ميچ شيڊيول موجب ٿيندي. هن چيو ته” سياسي صورتحال تي هڪ رانديگر طور اوهان ڪوشش ڪندا آهيو ته پاڻ کي جيترو ٿي سگهي معاملي جا تفصيل حاصل ڪيون.“ هن وڌيڪ چيو ته انگلش ٽيم مئنيجمينٽ کي معاملي جي وڌيڪ…

Read More

ڀارتي فاسٽ بالر محمد سراج چيمپيئنز ٽرافي ۽ انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز مان ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، محمد سراج ورڪ لوڊ مينيجمينٽ سبب 23 جنوري تي رنجي ٽرافي ۾ هماچل پرديش خلاف ميچ نه کيڏندو. ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي فاسٽ بالر ودرڀ خلاف سيزن جي آخري ميچ ۾ حيدرآباد جي ٽيم جي نمائندگي ڪندو. واضح رهي ته ڀارتي سليڪٽرز چيمپيئنز ٽرافي لاءِ محمد سراج جي جاءِ تي ارشديپ سنگهه کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. ان موقعي تي ڪپتان روهت شرما جو چوڻ هو ته سراج کي پراڻي بال سان بالنگ…

Read More

آمريڪا ۾ سعودي سفير شهزادي ريما بنت بندر سعودي عرب جي نمائندگي ڪندي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. شهزادي ريما بنت بندر ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي اهميت اجاڳر ڪئي. هن چيو ته سعودي حڪومت آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور وچ اوڀر کي پيش موجوده چيلينجن کي ڏسندي سهڪار جاري رکڻ جي منتظر آهي. شهزادي ريما ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته ٻئي ملڪ دوستي جي 80هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، سعودي قيادت طرفان آمريڪي صدر کي دلي مبارڪباد پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.…

Read More

حماس جي حملي ۾ سيڪيورٽي جي ناڪامين جو حوالو ڏيندي اسرائيلي آرمي چيف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب ليفٽيننٽ جنرل هرزي حلوي جي استعفيٰ تازو غزا ۾ حماس سان مرحلي وار جنگبندي کانپوءِ سامهون آئي آهي. غزا ۾ 15 مهينن جي جنگ دوران اسرائيلي فوج جي ڪمان ڪندڙ ليفٽيننٽ جنرل هرزي حلوي چيو ته هو 7 آڪٽوبر 2023 ۾ حماس طرفان ڪيل حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي. هن پنهنجي خط ۾ چيو ته استعيفيٰ جو فيصلو گهڻو اڳ ڪري ڇڏيو هو، وڃڻ جو هي مناسب وقت آهي، فوج اسرائيل جي مزاحمت ۽ طاقت کي…

Read More

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڪنهن اداري جي معاملي ۾ مداخلت ناهي ڪندي، عدليا به ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ سڌي ريت مداخلت کان پاسو ڪري. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊيپوٽيشن پاليسي بابت دنيش ڪمار سوال ڪيو، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سوال ڪميٽيز کي موڪلڻ تي اعتراض ڪيو. هن چيو ته سمورن سوالن جا جواب لکت طور پيش ڪيا ويندا آهن، ڪميٽين ۾ ٻيا معاملا به بحث هيٺ آندا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته ڊيپوٽيشن پاليسي جي گنجائش سروس رولز ۾ موجود آهي، پهرين ٽن سالن لاءِ ڊيپوٽيشن ٿيندي…

Read More

سپريم ڪورٽ بئنچن جي اختيارن بابت ڪيس ۾ منير اي ملڪ ۽ حامد خان کي عدالتي مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالت رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود ڪيس مقرر ڇو نه ڪيو ويو؟ رجسٽرار جواب ڏنو ته ڪيس آئيني بئنچ جو هو، غلطي سان ريگولر بئنچ ۾ لڳي ويو. جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اها غلطي آهي ته هڪ عرصي کان جاري هئي، هاڻي ازالو ڪيئن ڪيو ويو؟ معذرت سان غلطي رڳو بئنچ ۾ کيس…

Read More