Author: Sindh Dharti

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 8 نون ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي، ان کانسواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي کي به سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان…

Read More

تريپولي/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ليبيا جي سمنڊ ويجهو ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني شهري به سوار هئا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ليبيا جي سمنڊ ويجهو پاڪستاني شهرين کي وٺي ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي. ليبيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني موجب، 65 مسافرن کي وٺي ويندڙ ٻيڙي مرسا ڊيلا جي بندرگاهه ويجهو اونڌي ٿي. ترجمان جو چوڻ آهي ته طرابلس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيم زاويه اسپتال رواني ڪئي وئي آهي، جيڪا مقامي اختيارين سان سهڪار ڪندي. لبيا ۾ پناهگيرن جي ٻيڙي ٻڏڻ جو واقعو، ڏهه لاش ڪڍيا ويا پرڏيهي…

Read More

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ شادين جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، جنهن جا سنگين اثر معيشت ۽ آبادياتي پاليسين تي پئجي رهيا آهن. چين جي شهري معاملن واري وزارت موجب گذريل سال شادين جي رجسٽريشن ۾ حيران ڪندڙ طور 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، اهو رجحان ملڪ لاءِ وڏي چيلينج جي حيثيت رکي ٿو. چيني ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهو رجحان برقرار رهيو ته چيني حڪومت جون سياسي ۽ اقتصادي ڪوششون ان جي آبادياتي ڪمزوري سبب متاثر ٿي وينديون. چين دنيا جو ٻيو وڏي آبادي وارو ملڪ آهي پر اتي وڏي عمر جي ماڻهن جو انگ…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي کان فرانس ويندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي فضائي هدن ۾ سفر ڪيو ۽ اڳ جيان هن ڀيري به پاڪستان حڪومت يا عوام لاءِ ڪو خير سگالي پيغام نه ڇڏيو. ايوي ايشن ذريعن موجب نريندر مودي خاص جهاز ۾ نئين دهلي کان پيرس وڃي رهيو هو، مودي جو خاص جهاز ”انڊيا ون“ لاهور ڀرسان پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيو. ڀارتي وزيراعظم شيخوپورا، حافظ آباد، منڊي بهاوالدين، چڪوال ۽ ڪوهاٽ تي 34 هزار فوٽ جي اوچائي تان لڳ ڀڳ 41 منٽ سفر ڪيو. ڀارتي ايئر فورس جو بوئنگ 777 جهاز پارا…

Read More

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان آرمي چيف کي خط لکڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته آرمي چيف کي ٻه خط ان ڪري لکيا ته جيڪي اسان جا جمهوري رستا هئا، اهي سڀ ختم ڪيا ويا، اڳ ۾ سينسر شپ هئي، هاڻ پيڪا به اچي ويو ۽ سوشل ميڊيا کي به روڪيو ويو. هن چيو ته هيءَ فراڊ پارليامينٽ آهي، وزيراعظم، صدر ۽ وزير جعلي آهن، پارليامينٽ مان ڪا اميد ناهي، مون کي ڪا اميد نه هئي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿينديون.

Read More

مصر جي شهر الغردقه کان برطانيا ويندڙ هڪ مسافر جهاز کي يونان جي شهر ايٿنز ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي. پرڏيهي ميڊيا موجب الغردقه کان مانچسٽر ويندڙ ”ايزي جيٽ“ جي جهاز جي پائلٽ جي طبعيت اوچتو بگڙڻ ۽ جهاز جو ڪنٽرول وڃائڻ سبب هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي. جهاز ۾ افراتفري جو ماحول ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن عملي جا ميمبر اوچتو پنهنجو ڪم ڇڏي ڪاڪ پٽ ڏانهن ڀَڳا، اتي پائلٽ کي خراب حالت ۾ ڏسي فوري طور تي طبي مدد طلب ڪئي وئي. ان کانپوءِ مددگار پائلٽ جهاز جو ڪنٽرول سنڀاليو ۽ ان کي يونان جي شهر ايٿنز جي ايئرپورٽ…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ايف بي ايريا بلاڪ 14 ۾ عورت سان نازيبا حرڪت ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدار کي سوشل ميڊيا تي سي سي ٽي وي فوٽيج وائرل ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وائرل وڊيو ۾ موٽر سائيڪل سوار جوابدار کي واٽهڙو عورت سان نازيبا حرڪت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

Read More

موسميات کاتي پاڪستان ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچڻ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ پهرين مارچ تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پهريون روزو 2 مارچ آچر تي ٿيندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 28 فيبروري جي شام 5 لڳي 45 منٽن تي نئين چنڊ جي پيدائش ٿيندي.

Read More

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ٻيو خط لکي ڇڏيو. عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مان ملڪ ۽ قوم جي بهتري خاطر نيڪ نيتي سان آرمي چيف نالي کليل خط لکيو آهي، مان جن 6 نڪتن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن تي عوامي راءِ ورتي وڃي ته 90 سيڪڙو حمايت ملندي. خط ۾ عمران خان لکيو آهي ته پري پول ڌانڌلي ۽ چونڊ نتيجا تبديل ڪري حڪومت قائم ڪئي وئي، عدليا تي قبضي لاءِ پارليامينٽ کان 26هين آئيني ترميم ڪرائي وئي، ظلم ۽…

Read More

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ عالمي ايونٽ ٿيڻ وارو آهي، 9 مئي ۽ 26 نومبر ٻيهر برپا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ ڏڦيڙ جي سياست ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي عزت جو موقعو ايندو آهي ته ڏڦيڙي ٽولو آسمان مٿي تي کڻندو آهي. هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جو جلسو آهي، صوابي ۾ سرڪاري مشينري ۽ وسيلن جو وڏي پيماني تي استعمال ڪيو پيو وڃي، سياسي روايتن موجب جلسا ڪيا وڃن ته ڪنهن کي اعتراض ناهي، پي ٽي آءِ…

Read More