پنجاب ۾ 42 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 50 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون آهن ۽ ملڪ غذائي کوٽ ۽ ڏڪار طرف وڃي رهيوآهي مينهن نه پوڻ جي ڪري برآمد ڪرڻ جهڙيون نارنگين جي پيداوار ۽ ڀاڄيون به گهٽ پيدا ٿيون آهن برفباري نه ٿيڻ سبب نه ڊيم ڀربا نه وري واهن کي پاڻي ملي سگهندو.ڪپهه جي پيداوار به گهٽجي وئي آهي.حڪومت پاران سولر وسيلي جر جو پاڻي واپرائڻ جي حوصلي افزائي جي ڪري هاڻي جر جو پاڻي مينهن نه پوڻ سبب گهٽجي رهيوآهي ٽيوب ويلز مان مٺي بجاءِ کارو پاڻي اچڻ سبب زرعي ايراضي خراب ٿيڻ جو مسئلو به ڪر کڻڻ لڳندو.ٿيڻ ته ائين گهربو ته حڪومت زراعت تي سبسڊي ڏئي ها ۽ جاڳرتا مهم هلائي ها.رياست جون اوليتون الڳ آهن ميديا جي نڙي گهٽڻي آهي ته پيڪا کڻي اچو جيڪو ڳالهائي ان تي فيڪ نيوز جو الزام لڳائي سوگهو ڪريوس.اهڙو قانون ضيا دور ۾ نه آيو. 26هين آئيني ترميم آڻي عدليه کي سوڙهو ڪيو ويو. جسٽس منصور علي شاه کي هنن چيف جسٽس ٿيڻ نه ڏنو. محسن اختر ڪياني کي سزا ڏيڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ مان جج آندو ويو جيڪو سينيارٽي تي 15هين نمبر تي هيو جسٽس سرفراز کي انتظامي عهدي جو به ڪو تجربو ناهي.محسن اختر ڪياني کي ڪميٽين مان به هٽايو ويو خاص ڪري اهڙن ڪميٽين مان جتي پي ٽي آءِ جا ڪيس اچڻا هئا.ٻئي پاسي عمران خان آرمي چيف کي خط لکيو آهي ۽ اهي خط ملڻ جي ترديد ڪن ٿا پر حڪومت کي پريشاني وڪوڙي وئي آهي.ڇو جو هنن وٽ پنهنجو مينڊيٽ ناهي انهن کي ته ٽربيونل ئي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو.ٻئي پاسي گذريل حڪومت ۾ ٽرمپ لاءِ تقريرون لکندڙ ڊيرن بيٽي جي مقرري ٿي آهي اهو شخص پنهنجي انٽرويو ۾ اهو چوندو رهيوآهي ته عمران خان کي بائيڊن انتظاميه هٽرايو هيو ۽ جيئن ٽرمپ کي هٽائڻ بعد ڪيس ٺاهيا ويا ساڳي ريت عمران خان خلاف به ڪيس جوڙيا ويا.ٻنهي خلاف سياسي ڪيس جوڙيا ويا ۽ عمران خان جي زندگي کي جيل ۾ خطرو آهي. سو ان مقرري بعد اتان ڪهڙو پيغام ايندو سو واضح آهي.شهبازشريف ٽوئٽ وسيلي صدر ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني ۽ خط لکيو پر اتان ڪو جواب ناهي آيو.