آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان آخري ون ڊي سيريز ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏي هئي، ڏکڻ آفريقا خلاف جيڪو 15 رڪني اسڪواڊ کيڏايو ويو هو، ان ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن.
عبدالله شفيق، عرفان نيازي، صائم ايوب ۽ سفيان مقيم کي ڊراپ ڪري فهيم اشرف، فخر زمان، خوشدل شاهه ۽ سعود شڪيل کي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.
پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، بابر اعظم، فخر زمان، ڪامران غلام، سعود شڪيل، طيب طاهر، فهيم اشرف، خوشدل شاهه، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عثمان خان، ابرار احمد، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ محمد حسنين شامل آهن.