سنڌ حڪومت خوراڪ جي عالمي اداري جي سهڪار سان سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي منجهند جو کاڌو مفت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشي ياما (Ms. Coco Ushiyama) وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ خوراڪ جي چئلينجن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سيد سردار علي شاهه چيو ته وسيلن جي کوٽ سميت ٻين سببن جي ڪري ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي مناسب خوراڪ فراهم نه ٿا ڪري سگهن، جنهن سبب انهن جي سکيا جو عمل به متاثر ٿئي ٿو، اسان اهو پروگرام انهن علائقن ۾ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، جتي غربت ۽ غذائي کوٽ جو وڌيڪ مسئلو آهي، اهڙي قدم سان نه رڳو اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽبي پر حاضري ۾ به بهتري ايندي.
ڊبليو ايف پي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشي ياما چيو ته متوازن خوراڪ ٻارن جي ذهني نشونما، يادگيري ۽ سکڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائي ٿي، اسڪولن ۾ متوازن خوراڪ جي فراهمي سان ٻارن جي قوت مدافعت وڌندي، جنهن سان هو مختلف بيمارين کان محفوظ رهي سگهن ٿا.
لاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پروگرام جو پهريون مرحلو ڪراچي جي ضلعي ملير کان شروع ڪيو ويندو، پروگرام تحت 11 هزار ٻارن کي “هاٽ ميل لنچ بڪس” فراهم ڪيا ويندا، هڪ سال جي ڪارڪردگي ۽ نتيجن جي بنياد تي ٻين شهرن ۾ به ان جو دائرو وڌايو ويندو.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.