بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت مشهور پاڪستاني اداڪار سان شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته مان هڪ مسلمان ڇوڪرَي سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، مان ٽي ڀيرا مڪي پاڪ ويس، جتي مان دعا ڪئي ته اهڙو مڙس گهرجي، جيڪو هڪ باعمل مسلمان هجي ۽ مان شادي ڪرڻ پاڪستان اچي رهي آهيان.
هن انڪشاف ڪيو ته مون کي مشهور پاڪستاني ڊجيٽل تخليق ڪار ۽ اداڪار دودي خان طرفان پرپوز ڪيو ويو آهي، جيڪو مان قبول ڪري ورتو آهي، مان مسلم طريقي سان شادي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي.
هوڏانهن دودي خان جي راکي ساونت لاءِ هڪ وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن کيس مبارڪباد ڏني ۽ پرپوز ڪندي چيو ته ڄڃ وٺي ڀارت اچڻو آهي يا دبئي.
دودي خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي راکي ساونت جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي آهي، جنهن تي مداح کين مبارڪباد ڏئي رهيا آهن.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.