چيني سيڙپڪارن سنڌ پوليس خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ داخل هراسان ڪرڻ ۽ ڀتو گهرڻ جا الزام واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ هراسان ڪرڻ ۽ ڀتي خوري جهڙن الزامن تي 24 جنوري تي سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت، پرڏيهي وزارت، چيني سفارتخاني ۽ قونصليٽ کان جواب طلب ڪيو آهي.
پر ٻن چيني سيڙپڪارن طرفان درخواست واپس وٺڻ جي الڳ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اعليٰ اختيارين رابطو ڪري خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي ايسوسيئيشن جي سربراهه مسٽر لي موجب پوليس تي الزام غلط فهمي جي بنياد تي لڳايا ويا هئا، جيڪي هاڻ حل ٿي چڪا آهن.
چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي مقرر اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي ڊي ايس پي اسد رضا چيو ته چائنيز پوليس جي سيڪيورٽي مان مطمئن آهن ۽ بنا ڪنهن دٻاءَ جي ڪيس واپس وٺي رهيا آهن.