اسٽيٽ بينڪ جي گورنر وڏو اعلان ڪندي چيو آهي ته سال 2025 ۾ نئين ڊيزائن وارا ڪرنسي نوٽ مارڪيٽ ۾ اوپن ڪنداسين.
صحافين سان گفتگو ڪندي جميل احمد چيو ته نئين ڊيزائن وارا نوٽ مرحلي وار پرنٽ ڪيا ويندا، اسٽيٽ بينڪ نون نوٽن جي ٽيڪنيڪي ويليوايشن ڪري رهي آهي، نوان نوٽ جلد منظوري لاءِ ڪابينا سامهون پيش ڪنداسين.
هن چيو ته 2025 ۾ پاڪستان جو پهريون نئون نوٽ جاري ٿي ويندو، ڪيتري ماليت جو ڪرنسي نوٽ جاري ٿيندو ان حوالي سان في الحال نٿو ٻڌائي سگهان، سال 2025 ۾ نوان ڪرنسي نوٽ سرڪوليشن ۾ اچي ويندا، نوان نوٽ هڪ ئي وقت نه پر مرحلي وار جاري ٿيندا.