Close Menu
Sindh Digital News

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.

    What's Hot

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Sindh Digital News
    Subscribe Now
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • شوبز
    • اڄ جي اخبار
    • انٽرنيشنل
    • رانديون
    • صحت
    • معيشت
    • پاکستان
    • سنڌ
    • پهريون صفحو
    Sindh Digital News
    Home » 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا
    پاکستان

    190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا

    Sindh DhartiBy Sindh Dharti01/17/2025Updated:01/17/2025No Comments3 Mins Read
    Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Share
    Facebook Twitter LinkedIn Pinterest Email

    190ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو ويو آهي.
    عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو.
    فيصلي لاءِ عمران خان کي اڊيالا جيل آندو ويو، جڏهن ته بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽرگوهر به جيل پهتا، ان موقعي تي شعيب شاهين، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا وڪيل پڻ اڊيالا جيل ۾ موجود هئا.
    عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال سخت پورهئي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.
    جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڏنڊ ادا نه ڪيو ته کيس 6 مهينا وڌيڪ سزا ڀوڳڻي پوندي، جڏهن ته بشريٰ بي بي ڏنڊ ادا نه ڪيو ته کيس 3 مهينا وڌيڪ جيل ۾ رهڻو پوندو.
    ان کانسواءِ عدالت القادر ٽرسٽ يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم پڻ ڏنو، جڏھن ته فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ بشريٰ بي بي کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪيو ويو.

    سخت سيڪيورٽي جا انتظام
    اڊيالا جيل جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا، امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ عورت پوليس اهلڪارن سان گڏ سادن ڪپڙن ۾ اهلڪار به مقرر ڪيا ويا.
    عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف القادر ٽرسٽ يونيورسٽي بابت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي هڪ سال ۾ مڪمل ٿي، جنهن دوران 100 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون.

    ڪيس جو پس منظر ۽ الزامن جا تفصيل
    عدالت 18 ڊسمبر 2024 تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ 23 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، پر فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير ٿي. پوءِ 6 جنوري، 13 جنوري ۽ آخر ۾ 17 جنوري 2025 تي فيصلو ٻڌايو ويو.
    پي ٽي آءِ باني عمران خان تي الزام آهي ته هن پنهنجي اثر و رسوخ سان ڳجهي معاهدي کي وفاقي ڪابينا مان منظور ڪرايو، اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر 6 ڊسمبر 2019 نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي رزداري ڊيڊ تي صحيحون ڪيون جڏهن ته بشريٰ بي بي تي پي ٽي آءِ باني جي غيرقانوني سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو الزام آهي.

    Share. Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Sindh Dharti

    Related Posts

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025
    Leave A Reply Cancel Reply

    Don't Miss
    پاکستان

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    By Sindh Dharti02/10/20250

    اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري…

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025
    Our Picks

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from SmartMag about art & design.

    Demo
    اسان جون چونڊون

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    اسان جي باري ۾

    زندگي جي خبرن لاء توهان جو ذريعو

    اسان کي اي ميل ڪريو:
    Sindhdhartikarachi@gmail.com

    Facebook X (Twitter) Instagram Pinterest YouTube WhatsApp
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • رانديون
    • شوبز
    • پاکستان
    • پهريون صفحو
    All Rights Reserved by Sindh Dharti News © 2024

    Type above and press Enter to search. Press Esc to cancel.

    • Login
    • Sign Up
    Forgot Password?
    Lost your password? Please enter your username or email address. You will receive a link to create a new password via email.
    body::-webkit-scrollbar { width: 7px; } body::-webkit-scrollbar-track { border-radius: 10px; background: #f0f0f0; } body::-webkit-scrollbar-thumb { border-radius: 50px; background: #dfdbdb }