Close Menu
Sindh Digital News

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.

    What's Hot

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Sindh Digital News
    Subscribe Now
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • شوبز
    • اڄ جي اخبار
    • انٽرنيشنل
    • رانديون
    • صحت
    • معيشت
    • پاکستان
    • سنڌ
    • پهريون صفحو
    Sindh Digital News
    Home » نوَ مئي ڏوهه تي ڪلين چٽ ناهي ڏني، سوال اِهو آهي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو ؟ آئيني بئنچ
    پاکستان

    نوَ مئي ڏوهه تي ڪلين چٽ ناهي ڏني، سوال اِهو آهي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو ؟ آئيني بئنچ

    Sindh DhartiBy Sindh Dharti01/17/2025No Comments4 Mins Read
    Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Share
    Facebook Twitter LinkedIn Pinterest Email

    سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
    جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني سپريم ڪورٽ جي آئيني فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا.
    بچاءَ وزارت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته آرمي ايڪٽ ۽ رولز ۾ فيئر ٽرائل جو مڪمل پروسيجر فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته اوهان ملٽري ٽرائل جي ڪهڙي فيصلي سان اتفاق ڪيو ٿا.
    بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث جواب ڏيندي چيو ته هو ڪنهن فيصلي سان اتفاق نٿو ڪري، جسٽس عائشه ملڪ سيڪشن ٽو ون، ڊي ون کي فيئر ٽرائل جي ابٽر قرار ڏنو، جسٽس يحيٰ آفريدي قانوني سيڪشنن تي راءِ نه ڏني ۽ چيو هو ته قانوني سيڪشنن تي لارجر بينچن جي فيصلن جا پابند آهن.
    جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته 21هين ترميم ۾ فيصلي جي اڪثريت ڪهڙي هئي؟، جنهن تي وڪيل خواجا حارث چيو ته اڪثريت 9 ججن سان ٺهي هئي، 21هين ترميم جو اڪثريتي فيصلو 8 ججن جو آهي، 21هين ترميم کي ججن جي اڪثريت پنهنجي پنهنجي انداز ۾ برقرار رکيو.
    جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته 21هين ترميم کي 8 کان وڌيڪ جج درست قرار ڏنو، بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ملٽري ٽرائل بابت سپريم ڪورٽ جو لياقت حسين جو فيصلو 9 ججن جو آهي، لياقت حسين ڪيس ۾ ايف بي علي ڪيس جي منظوري ٿي.
    جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته 21هين ترميم ڪيس ۾ ججن جي اڪثريت ايف بي علي ڪيس کي تسليم ڪيو آهي.
    جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا 21هين ترميم ڪيس ۾ ڪنهن جج ايف بي علي ڪيس تي جوڊيشل نظرثاني جي راءِ ڏني، جنهن تي وڪيل خواجا حارث چيو ته ڪنهن جج نه چيو ته ايف بي علي ڪيس جي فيصلي جو جوڊيشل ريويو ٿيڻ گهرجي، احتجاج ۽ حملي ۾ فرق آهي.
    بچاءَ واري وزارت جي وڪيل دليل ڏنا ته جسٽس يحييٰ آفريدي راءِ ڏني ته آرمي ايڪٽ جي شقن تي فيڊريشن کي مڪمل ناهي ٻڌيو ويو.
    جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرمي ايڪٽ جي شڪن تي اٽارني جنرل کي 27 اي جو نوٽيس ڏنو ويو هو؟، جسٽس يحيٰ آفريدي جي نوٽ سان لڳي ٿو اٽارني جنرل کي ٻڌو ئي ناهي ويو.
    ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته بينچ اٽارني جنرل کي چيو هو ته دليل آرمي ايڪٽ جي شقن جي بدران 9 ۽ 10 مئي واقعن تي رکو.
    جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اها ته عجيب ڳالهه آهي، پهريان چيو ويو آرمي ايڪٽ جي شقن جي ڳالهه نه ڪريو، پوءِ شقن ڪالعدم به قرار ڏنو ويو.
    بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته احتجاج ۽ انصاف ۾ فرق آهي، جنهن تي جسٽس امين الدين چيو ته21 جولاءِ 2023 جي آرڊر ۾ رڳو 9 مئي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
    جسٽس مندوخيل چيو ته 9 مئي جو ڏوهه ته ٿيو آهي، عدالتي فيصلي ۾ 9 مئي ڏوهه تي ڪلين چٽ نه ڏني وئي پر سوال ٽرائل جو آهي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو.
    جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڏوهه قانون جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪڏهن ڏوهه آرمي ايڪٽ ۾ ايندو ته ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيندو.
    جسٽس جمال چيو ته 21 هين ترميم ۾ چيو ويو سياسي پارٽين جا ڪيس آرمي ڪورٽ ۾ نه هلندا.
    جسٽس جمال سوال ڪيو ته 21هين ترميم کانسواءِ دهشتگردن خلاف ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي، جنهن تي وڪيل خواجا حارث جواب ڏنو ته 21 هين ترميم ۾ قانون سازي ٻين مختلف ڏهن ۽ ماڻهن تي ٻڌل هئي.
    جسٽس حسن رضوي چيو ته پوليس اهلڪار جي وردي ڦاڙڻ ڏوهه آهي، هتي ڪور ڪمانڊر لاهور جو گهر ساڙيو ويو، هڪ ڏينهن هڪ ئي وقت مختلف هنڌن تي حملا ٿيا.
    جسٽس حسن رضوي چيو ته فوجي ڪيمپ آفيسن تي حملا ڪيا ويا، پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي باهه ڏني وئي، پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ته مختلف شهرن ۾ هڪ ئي وقت حملا ٿيا، ڏوهه کان انڪار ناهي.
    جسٽس جمال چيو ته پارليامينٽ سڀني کان سپريم آهي، پارليامينٽ تي حملو ٿيو ته ملٽري ٽرائل ڇو نه ٿيو؟، ڇا پارليامينٽ پاڻ تي حملي کي توهين نٿي سمجهي؟، ان موقعي تي سپريم ڪورٽ تي به حملو ٿيو، اهو به سنگين هو، ان کي به شامل ڪريو.
    عدالت فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

    Share. Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Sindh Dharti

    Related Posts

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025
    Leave A Reply Cancel Reply

    Don't Miss
    پاکستان

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    By Sindh Dharti02/10/20250

    اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري…

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025
    Our Picks

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from SmartMag about art & design.

    Demo
    اسان جون چونڊون

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    اسان جي باري ۾

    زندگي جي خبرن لاء توهان جو ذريعو

    اسان کي اي ميل ڪريو:
    Sindhdhartikarachi@gmail.com

    Facebook X (Twitter) Instagram Pinterest YouTube WhatsApp
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • رانديون
    • شوبز
    • پاکستان
    • پهريون صفحو
    All Rights Reserved by Sindh Dharti News © 2024

    Type above and press Enter to search. Press Esc to cancel.

    • Login
    • Sign Up
    Forgot Password?
    Lost your password? Please enter your username or email address. You will receive a link to create a new password via email.
    body::-webkit-scrollbar { width: 7px; } body::-webkit-scrollbar-track { border-radius: 10px; background: #f0f0f0; } body::-webkit-scrollbar-thumb { border-radius: 50px; background: #dfdbdb }