سيد صبغت ﷲ شاھ راشدي پير پاڳارو پني عاقل جي يوسي روپهر، ٺڪراٺو ۽ شاهپور مهر ۾ دعوتن جي سلسلي ۾ مريدن وٽ دورا، پير پاڳارو ڳوٺ الهرکيو مڱريو ۾ مست سائنلو فقير، خليفي فقير محمد قاسم مهر، ريشم فقير مڱريو ۽ فقير محمد حيات مڱريو وٽ دعوت تي آيو جتي سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن سميت انڊيا جي جيسلمير، ٻاڙ مير ۽ ٻين ضلعن مان وڏي تعداد ۾ مريد ديدار لاءِ پهتا ان موقعي تي پير پاڳاري چيو ته پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏيو خاص ڪري وڌ کان وڌ نياڻيون پڙهايو ڇو ته هڪ نياڻي پڙهي سمجهو هڪ خاندان پڙهيو هن چيو ته زراعت ۽ زمينداري ۾ بچت ناهي ضرورت موجب ڪڻڪ جو فصل پوکيو وڌ کان وڌ چوپايو مال پاليو هن چيو ته حڪومت وارا ڪجهھ به چون مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته سنڌو درياءَ مان ڇهھ وڏا ڪئنال ٺهن پيا جنهن ڪري اوهان کي ٻوڏ واري سيزن ۾ به پاڻي نه ملندو تنهن ڪري اوهان چوپايو مال وڌايو گذريل سال به حڪومت ذاتي فائدي لاءِ ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي صحيح قيمت نه ڏئي عوام جي تباهي ڪئي هئي پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي پير پاڳاري مريدن کي وڌيڪ تاڪيد ڪئي ته ڪنهن جي به مذهب يا فرقي سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪريو پنهنجي عقيدي تي مضبوط رهو