سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، واپارين، صنعتڪارن ۽ سڀني ڪاروباري ماڻهن جي اھميت کي سمجھن ٿا، ملڪي معيشت جو هڪ وڏو حصو واپارين ۽ صنعتڪارن جو آهي، واپاري ۽ صنعتڪار سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندا آهن، ڪراچي ۾ ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز پاران ڏنل مانجھاندي جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون واپارين لاءِ هڪ سونهري موقعو آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي ڪا به درآمدي ڊيوٽي ناهي ، ملير ايڪسپريس وي جو افتتاح ٻن ڏينهن اندر ٿيڻ وارو آهي، اسان جي ڪوشش آھي تھ ڄام صادق پل جو ڪم اٺن مهينن اندر مڪمل ٿي وڃي، هن چيو ته حڪومت جي ڪري ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ ڪا به دير ناهي ٿي، يوٽيلٽيز جي منتقلي جي ڪري ڪم ۾ دير ٿي، اسان هن سال ڪراچي شهر لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون آڻي رهيا آهيون، اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين ته ڊبل ڊيڪر بسون هن سال شاهراه فيصل تي هلي سگهن ٿيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تمام سٺي آهي، پر اشوز آهن سنڌ حڪومت جو 190 ارب رپين جو سيس سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهي، اسان مختلف قانوني ماهرن کي آن بورڊ ورتو آهي ته جيئن سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد اهي پئسا ملي سگهن ۽ هي پئسا انفراسٽرڪچر تي خرچ ڪري سگھجن،.ان کان اڳ، واپارين ۽ صنعتڪارن ڪاٽي اڳواڻن ايس ايم تنوير، جنيد نقي ۽ سيد جوهر علي قنڌاري جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلن بابت آگاھي ڏني.