حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو.
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف طرفان لکت ۾ چارٽر آف ڊمانڊ پيش نه ڪرڻ ڊيڊ لاڪ جو سبب بڻيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق به ٻنهي ڌرين جي ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس طلب نه ڪيو.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ تحريڪ انصاف جي ڪميٽي چارٽر آف ڊمانڊ جو فيصلو ڪندي.
حڪومت به لکت ۾ چارٽر آف ڊمانڊ کانسواءِ اڳتي وڌڻ کان پاسو ڪرڻ لڳي، تحريڪ انصاف لکت ۾ چارٽر آف ڊمانڊ کي اين آر او سمجهي رهي آهي.
حڪومت لکت ۾ مطالبا ملڻ کانپوءِ ڳالهين بابت هڪ ٻيو وڏو فيصلو ڪري ورتو.
حڪومتي ذريعن موجب، چارٽر مڃڻ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف کي حڪومت سان لکت ۾ معاهدو به ڪرڻو پوندو.
اسپيڪر آفيس اڃا تائين ڳالهين جي ٽئين دور لاءِ ڪنهن ڌر سان رابطو ناهي ڪيو.
ذريعن موجب، حڪومتي ترجمان عرفان صديقي مسلم ليگ نون جي صدر نواز شريف کي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.