گاڏين جا پرڪشش نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب آءِ ٽي بورڊ جي ايڪسائز کاتي سان ڀائيواري سان واضح ڪيل اي آڪشن ايپ ۽ ويب پورٽل تي جنوري مهيني دوران خواهشمند ماڻهن جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي.
خواهشمند ماڻهو 30 جنوري تائين اي آڪشن لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا.
اي آڪشن ايپ ۾ موٽر سائيڪل ۽ موٽر ڪار جي نمبرن جي نيلامي شامل آهي ۽ ٻولي کٽيندڙن جا تفصيل به اي آڪسن ايپ تي ڏسي سگهبا.
ان حوالي سان پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي چيئرمين فيصل يوسف چيو ته اي آڪشن نظام ذريعي نه رڳو شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي پر ڪرپشن ۽ ايجنٽ مافيا جو به خاتمو ڪيو ويو آهي، شهري هاڻ اي آڪشن ايپ ۽ ويب پورٽل ذريعي گهر ويٺي آساني سان رجسٽريشن ڪري ٻولي ۾ حصو وٺي سگهن ٿا ۽ پنهنجي پسند جو نمبر حاصل ڪري سگهن ٿا.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.