جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي فارم 47 جي جعلي حڪومت آهي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ توهان تي گولي هلي ته سوال اٿيو، توهان هلائي ته ڪجهه نه، مڪاني نمائندن تي تشدد ٿيو ته اهو تشدد ناهي؟
هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جي رستي ۾ رڳو جمعيت اڪيلي بيٺي هئي، تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ هئي پر ڳالهين ۾ شريڪ نه ٿي، پي ٽي آءِ وارا جيڪا به نشاندهي ڪندا هئا اسان ان کي مسئلي طور پيش ڪندا هئاسين.