سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پ پ پ ۽ نواز ليگ گڏجي نه صرف سنڌين کان سندن جياپي جو ذريعو سنڌو درياهه کسي رهيا آهن پر سنڌ جي زمينن تي والار ڪري سنڌين کان سندن ڌرتي به کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو دوست ۽ دشمن کي سڃاڻو پوندو. جيڪڏهن سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ حدن لاءِ نه جاڳيا ته سنڌ فلسطين بڻجي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي رب پاڪ سمورين نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي پر وفاق پرست جاگيردار دوست پارٽين سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪندي سنڌ کي ڪنڊ سان لڳائي ڇڏيو آهي سنڌ ۾ بک بدحالي ۽ بي روزگاري سبب عوام پريشان آهن پر هنن حڪمرانن کي ڪرسي سان پيار آهن جي جنهن جي حاصلات لاءِ هنن سنڌ جو سودو ڪيو آهي. سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي هن چيو ته ڪئنالن واري منصوبن جي خلاف ايس ٽي پي پاران 7 جنوري بدين ضلعي کان سنڌو بچايو جاڳرتا مهم شروع ڪئي ويندي سڄي سنڌ م ڀرپور مهم هلائي عوام کي سجاڳ ڪري سياسي عوامي جدوجهد جي ذريعي حڪمرانن کي شڪست ڏينداسين ۽ سنڌ کي سوڀارو ڪنداسين.