سن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ سندس ساٿين طرفان جسقم جي تنظيمي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي جسقم بشير خان قريشي گروپ جي نيشنل ڪانگريس جو اهم اجلاس سن ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪنن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ غور ويچار کان پوءِ تنظيم جي آئين تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ تنظيمي ڍانچي کي منظم ڪرڻ لاءِ اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان 6 مهينن لاءِ چيف آرگنائزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڊپٽي چيف آرگنائزر سرفرار ميمڻ ۽ فقير امداد علي منگي جڏهن ته پنهل ساريو، اڪبر مڪول، نجف لغاري ۽ نصر الله ڪلادي کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو، پارٽي فيصلي موجب سڄي سنڌ ۾ يونٽ تعلقن ضلعن ۾ تنظيم جي جوڙجڪ ڪري نيشل ڪانگريس ذريعي مرڪزي اليڪشن ڪرائي ويندي، ان موقعي تي چيف آرگنائزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ دشمن منصوبي سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف جدوجهد جو عمل جاري رکيو ويندو، تنظيم کي آئين منشور تحت هلايو ويندو هوڏانهن چونڊيل آرگنائيزنگ ڪميٽي کان سائين جي ايم سيد جي مزار تي حلف ورتو ويو.