پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته شاگرد ڪنهن جي ڏٽي ۾ نه اچو، سياسي پسند نا پسند بُري ڳالهه ناهي بس رڳو ٻين جي عزت ڪريو.
بهاوالدين ذڪريا يونيورسٽي ۾ هونهار شاگرد اسڪالرشپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز جو چوڻ هوته اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ سندن والدين کي واڌايون پيش ڪيان ٿي، اڄ شاگردن کي وزيراعليٰ طور نه هڪ مان طور مخاطب آهيان.
سندس چوڻ هو ته هن کي خبر آهي ته اڄڪلهه تعليم مهانگي آهي، خرچ تمام گهڻا آهن، ٻار پيار ۾ منهنجو شڪريو ادا ڪري رهيا آهن، منهنجا ٿورا مڃڻ جي ضرورت نه آهي اِهو اوهان جي محنتن جو نتيجو آهي، فيصلو ڪيو هوته هر هنڌ پاڻ وڃي اسڪالرشپس ڏينديس.
مريم نواز جو چوڻ هوته هي منهنجو پئسو نه آهي، پنجاب جي عوام جو پئسو آهي، هي پئسا مان پنهنجي گهران ناهن آندا، گذريل 75 ورهين کان اِهو پئسو اوهان جو هو، سوال اِهو آهي ته گذريل 75 ورهين کان اوهان کي ڇو نه مليو؟
هن شاگردن کي هدايت ڪندي چيو ته ڪڏهن به پنهنجي ملڪ جي خلاف قدم نه کڻجو، ڪنهن جي ڏٽي ۾ نه اچجو، جيڪڏهن ڪير چوي باهه ڏيو، ميٽرو ساڙيو انهن جي ڳالهين ۾ نه اچجو، ٻار معافي وٺي جيلن مان ٻاهر آيا ته مون کي تڪليف ٿي، سياسي پسند نا پسند بري ڳالهه ناهي بس رڳو ٻين جي عزت ڪريو.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.