صدر آصف علي زرداري زخمي قومي ڪرڪيٽر صائم ايوب سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کانئس خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
صدر نوجوان ڪرڪيٽر جي شاندار ڪارڪردگي کي به ساراهيو، صائم ايوب رابطو ڪرڻ تي آصف علي زرداري جا ٿورا مڃيا.
نوجوان ڪرڪيٽر صحتياب ٿي پاڪستان لاءِ شاندار ڪارڪردگي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، فون تي آصف زرداري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته اوپننگ بيٽر صائم ايوب انجري سبب 6 هفتن لاءِ ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ علاج لاءِ کيس لنڊن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.