ڪڪڙ جي گوشت کي پَر لڳي ويا ۽ في ڪلو گوشت 300 رپين تائين مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 800 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو.
ڪراچي، پشاور، راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت 300 رپين تائين وڌي وئي آهي، کراچي ۾ ڪڪڙ جو گوشت 740 کان 800 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.
ڪراچي ۾ هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 300 رپيا في ڪلو جو اضافو ٿيو آهي، جتي ڪڪڙ جو گوشت 740 کان 800 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.
جيئري ڪڪڙ جي سرڪاري قيمت 410 رپيا مقرر آهي پر هول سيل ۾ جيئرو ڪڪڙ 480 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، بيضن جي سرڪاري قيمت 300 رپيا في درجن مقرر آهي پر اهي 380 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.
هوڏانهن پشاور ۾ ڪڪڙ جو گوشت 510 رپيا ۽ راولپنڊي ۾ 700 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي