پاسپورٽ ٺهرائيندڙن ۽ تجديد ڪرائيندڙن لاءِ وڏي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي ٻن نادرا ميگا سينٽرن ۾ پاسپورٽ آفيسون قائم ڪيون پيون وڃن.
ڪراچي ۾ نادرا ميگا سينٽر فائيو اسٽار چورنگي ۽ نادرا ميگا سينٽر سيمنس چورنگي (سائٽ) ۾ شهرين کي پاسپورٽ جون سهولتون ڏنيون وينديون.
شهر ۾ متبادل پاسپورٽ سينٽرن جو قيام مرڪزي پاسپورٽ آفيس تي رش گهٽائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قريشي جي ڪراچي دوري جي موقعي تي نادرا سينٽرن ۾ پاسپورٽ آفيسون قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو.
ذريعن موجب ڪراچي سميت سڄي پاڪستان جي لڳ ڀڳ 11 نادرا ميگا سينٽرن تي پاسپورٽ جون سهولتون متعارف ڪرايون پيون وڃن.