ناليواري اداڪار سونو سود پنهنجي تازي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان کيس شراب پيئارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
سونو سود پنهنجي فٽنيس ۽ صحتمند زندگي جي حوالي سان به مشهور آهي، سندس موجب مان ڪڏهن شراب ناهي پيتو، ڇو ته مان ان کي پسند ناهيان ڪندو.
هڪ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته فلم ”دبنگ“ ۾ ساٿي ادڪار بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان منهنجي شربت ۾ شراب ملائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر مان اهو شربت نه پيتو.
سونو سود چيو ته مان شراب کان پري رهندو آهيان پر ساٿي اداڪار مون کي شراب پيئارڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهن، اهي چوندا آهن ته اڄ توکي پيئاري رهنداسين ۽ ڪيترن ئي ماڻهن لڪي لڪي منهنجي گلاس ۾ شراب ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.