اڳوڻي وزيراعظم ۽ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 97 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن.
پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد وجهندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928 تي لاڙڪاڻي ۾ اک کولي.
ذوالفقار علي ڀٽو 1971 کان 1937 تائين پاڪستان جو صدر به رهيو جڏهن ته کيس ملڪ جو پهريو چونڊيل وزيراعظم هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.
پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي پيڙهه جو بنياد رکڻ ۽ پاڪستان ۾ پهرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪرائڻ جو اعزاز به ذوالفقار علي ڀٽو کي حاصل آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي حوالي سان منجهند ٽي وڳي پيپلز سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ سيمينار ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ٿيندي.
ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به تقريبون ٿي رهيون آهن.
قائد عوام کي ايٽمي طاقت بڻجڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي