پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت واپار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت وڏو سرپرائيز آڻي رهي آهي اعلان جلد ٿيندو، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڪاروبار، رهائش لاءِ سهولتون ڏيڻيون پونديون، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ ويزا پاليسي نرم ڪئي آهي:سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جون ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ 18هين بلڊ ايشيا نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هاڪاري تبديليون آڻڻ چاهيون ٿا، اسانکي پنهنجي رويي ۽ حڪمراني جي طريقن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، گورنر هائوس ۾ تقريب هڪ تنظيم رکي آهي ان سان سنڌ حڪومت جو ڪو واسطو ناهي، اسان سنڌ ۾ رهندڙ سڀني کي سنڌي سمجهون ٿا، سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي به اسان جو حصو آهن