سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار قانوني تشريح جو ڪيس جسٽس منصور علي شاهه جي ريگولر بينچ ۾ فڪس ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جي ڪيس جي معاملي ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس جسٽس منصور شاهه جو ريگولر بينچ ۾ قانوني تشريح جو ڪيس فڪس ڪرڻ تي پڇاڻو ڪندي فڪسر برانچ جي آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪري 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب ڪري ورتي.
ذريعن موجب نوٽيس ۾ لکيو ويو آهي ته آئيني بينچ جو ڪيس جسٽس منصور ريگولر بينچ ۾ ڪيئن لڳي ويو، ان تي آفيسر وضاحتي جواب جمع ڪرائين.
جسٽس منصور علي شاهه جي بينچ ڪسٽم ڊيوٽي ايڪٽ جو ڪيس آرٽيڪل 191A جي نظر ۾ ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو هو پر پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي ڪيس آئيني بينچ کي موڪلي ڇڏيو هو.