پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي آيل آمريڪي عورت گارڊن ۾ نوجوان جي گهر پهچي وئي پر گهر ڀاتي گهر بند ڪري هليا ويا.
پوليس موجب عورت عمارت جي پارڪنگ ۾ ويٺي آهي، جڏهن ته عمارت جي انتظاميا فليٽ جا دَر بند ڪري ڇڏيا آهن.
ان موقعي تي هڪ صحافي آمريڪي عورت کان سوال ڪيو ته توهان ڪنهن سان شادي ڪرڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي آمريڪي عورت جواب ڏنو ته 3 هزار ڊالر ڏيو پوءِ ٻڌائينديس.