سينيٽ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو.
قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به پيڪا ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، ايڪٽ جي منظوري دوران اپوزيشن بل جي مخالفت ڪئي ۽ احتجاج ڪيو، جڏهن ته صحافين سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي دوران واڪ آئوٽ ڪيو.
سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز چيو ته اسان بل جي حمايت نه پيا ڪيون، بل جو طريقي ڪار درست ناهي، جيڪي ڪيس آهن انهن لاءِ نه ادارو ٺهيو، نه جج آهن نه وڪيل.
جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيڪا ايڪٽ تي منهنجون ترميمون هيون، جن کي نه ڪميٽي منظور ڪيو ۽ نه رد ڪيو، هيءَ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڻ پوري رپورٽ آهي.