پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واپارين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته توهان کي ڪنهن وزير يا وڏي وزير مان شڪايت آهي ته مون سان ڳالهايو، ڪنهن ٻئي کي دانهن نه ڏيو.
ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت طرفان واپارين جي مان ۾ مانجهاندي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ اهڙو ڪو شعبو ناهي، جنهن سان منهنجو رابطو نه هجي، ان جو مقصد توهان جا مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪڍڻ آهي، بزنس ڪميونٽي سان رابطو وڌائينداسين.
هن چيو ته صوبي جي ذميواري پ پ جي آهي، ڪنهن ٻئي کي دانهن ڏيڻ جي ضرورت ناهي، توهان کي ڪا به شڪايت آهي ته اسان سان ڳالهايو، اسان کير جا ڌوتل ناهيون پر سٺا آهيون، توهان کي جيڪي مسئلا پيش اچي رهيا آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي، مسئلن جو حل ڪڍڻ اسان جي ذميواري آهي.
سندس چوڻ هو مان ڇو چاهيندس ته منهنجي يا حڪومت جي نالي تي ڪير توهان کي تنگ ڪري، مان هن صوبي ۽ ملڪ مان چونڊ وڙهندو آهيان، منهنجا نمائندا کٽيندا آهن، فخر آ ته سنڌ واحد صوبو آهي، جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا ڪامياب پراجيڪٽ هلائي رهيو آهي، مان چاهيندس ته هاڻ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ تيز ڪيون.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.