قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق پي ٽي آءِ جي نه اچڻ تي ڳالهين جي ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو پر ڪميٽي کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اياز صادق موجب گذريل اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته 7 ورڪنگ ڏينهن ۾ ٻيهر اجلاس ٿيندو، اڄ 7 ڏينهن پورا ٿي ويا، اسان سڀني کي اجلاس جي دعوت ڏني، اميد هئي ته اپوزيشن ميمبر ايندا.
هن چيو ته اسان 45 منٽ انتظار ڪيو، انهن طرفان پيغام آيو ته نه ايندا، مان پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته اسان پنهنجي اعليٰ قيادت سان رابطو ڪري ٻڌائينداسين.
سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جي غير موجودگي سبب ڳالهيون نه ٿيون هلي سگهن، هن ميٽنگ کي اڳتي وڌائڻ جو ڪو مقصد نٿو ٺهي، تنهن ڪري ملتوي ڪري رهيا آهيون پر منهنجا در کليل آهن ۽ اميد آهي ته ٻنهي پاسن کان ڳالهيون ڪيون وينديون.
اياز صادق اعلان ڪيو ته ڳالهين جي ڪميٽي قائم رهندي، ان کي نه ٽوڙينداسين.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.