آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو پرڏيهي کاتي ۽ بين الاقوامي ترقي بابت آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي يا ان ذريعي مالي مدد فراهم ڪندڙ سموري آمريڪي پرڏيهي امداد کي نظرثاني لاءِ روڪي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا منصوبا متاثر ٿيندا.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيان موجب آمريڪي صدر سمورن پرڏيهي امداد جي پروگرامن جو جائزو وٺي رهيو آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اهي آمريڪا جي فرسٽ ايجنڊا تحت آمريڪي پرڏيهي پاليسي موجب هجن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ واضح طور چيو آهي ته آمريڪا هاڻ اکيون بند ڪري پيسا نه ڏيندو، جيستائين ان جي بدلي آمريڪي عوام کي ڪو فائدو نه پهچي.
بيان موجب پرڏيهي وزارت کي آمريڪي سيڙپڪاري جو تحفظ ڪرڻ تي فخر آهي ته اسان ٻاهرئين ملڪ پرڏيهي امداد جا ڊالر ڪيئن ٿا خرچ ڪيون، آمريڪي عوام جو مينڊيٽ واضح هو ته اسان کي آمريڪي مفادن تي ٻيهر ڌيان ڏيڻ گهرجي.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.