عالمي مارڪيٽ ۽ پاڪستان ۾ سون سستو ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ 3 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ في اونس سون جي قيمت 2767 ڊالرن جي سطح تي اچي وئي آهي.
اهڙي ريت سومر ڏينهن مقامي مارڪيٽن ۾ به سون سستو ٿيو ۽ في تولي سون جي قيمت 300 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 89 هزار 100 رپيا، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 257 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 27 هزار 209 رپيا ٿي وئي آهي.